سکر

وڪيل برادري معاشري جو فڪري، عقلي، ۽ منطقي اعتبار سان هڪ اهم جزو آهن، چيف جسٽس

وڪيل برادري معاشري جو فڪري، عقلي، ۽ منطقي اعتبار سان هڪ اهم جزو آهن، چيف جسٽس
وڪيل برادري معاشري جو فڪري، عقلي، ۽ منطقي اعتبار سان هڪ اهم جزو آهن، چيف جسٽس

عمر سومرو،سکر
عدالت ملڪ جي تاريخ مان هميشه هميشه لاءِ ڪاري دور جو باب بند ڪري ڇڏيو آهي، وڪيل ۽ عدليه جي ڀرپور ڪاوشن سان ملڪ ۾ هڪ جمهوري حڪومت کي پنج سال آئيني مدت پوري ڪرڻ جو موقعو مليو آهي، ۽ اها اسان جي گڏيل جدوجهد ملڪ کي هڪ نئين دور جي طرف وٺي وڃي رهي آهي، جتي اسان کي هڪ نئين جمهوري حڪومت جي قيام جي لاءِ صاف ۽ شفاف چونڊن لاءِ راه هموار ڪرڻي آهي ته جيئن آئنده چونڊجڻ وارا عوامي نمائندا قانون جي منشاءَ مطابق اهليت جا حامل هجن ۽ انهن جي کنيل قدمن سان فائدو عوام تائين پهچي، ۽ معاشري ۾ خوشحالي ۽ ترقي جو سفر جاري رهي اهڙو اظهار چيف جسٽس آف پاڪستان افتخار محمد چوڌري گذريل رات دير تائين سنڌ هاءِ ڪورٽ بينچ سکر ۾ نون چونڊيل عهديدارن حلف برداري واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، چيف جسٽس چيو ته وڪيل برادري معاشري جو فڪري، عقلي، ۽ منطقي اعتبار سان هڪ اهم جزو آهن، جيڪي مسئلن، خامين ۽ ڪوتاهين کي حل ۽ ازالي ڪرڻ جا ذميدار به هوندا آهن، انهن جي قربانين جي بدولت پهريون ڀيرو آئين جي سربلندي ۽ قانون جي پاسداري جو خواب پورو ٿيو آهي، جنهن بدولت جمهوري اقدار پنهنجا پير ڄمائڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهن، قانون جي حڪمراني، آئين جي پاسداري ۽ بلاتفريق انصاف جي فراهمي جو اهو سلسلو اهڙي طرح جاري وساري آهي، ۽ انشاءَالله آئنده به اهڙي طرح جاري رهندو، جن ۾ دهشت گردي لاقانونيت، ظلم ۽ جبر امتيازي سلوڪ وسيلن جو غير منصفانه تقسيم، اغوا براءِ تاوان، مارواءِ عدالت قتل، فرقه وارانه فساد سر فهرست آهن، جيڪي معاشري لاءِ ناسور جي حيثيت رکن ٿا، انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان سڀني کي باهمي اتفاق ۽ اتحاد سان ڪم وٺندي ملي ڪري مقابلو ڪرڻو پوندو، جنهن جا ديرپا نتيجا سامهون ايندا، هن چيو ته انتظاميا ۽ عدليه جي حدن جو تعين ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي اندر رهي ڪري فرض انجام ڏيڻ گهرجن، جيڪڏهن خدانخواسته ته عدليه پنهنجي آئيني دائري ڪار ۾ رهندي انصاف فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وڃي ته ان جا اثر ايندڙ نسلن تي ظاهر ٿيندا آهن، هن چيو ته لاقانونيت، جاهل ۽ مرده قومن جو ورثو ۽ قانون پسندي مهذب قومن جو خاصو آهي، هن چيو ته قانون جي حڪمرانيءَ سان ئي معاشري ۾ امن وامان جو راج ٿي سگهي ٿو، آئين جي مطابق رياست جي اولين ذميداري آهي ته هو فوري ۽ سستو انصاف فراهم ڪري تقريب کي سنڌ جي چيف جسٽس مشير عالم، سنڌ هاءِ ڪورٽ بار سکر بينچ جي صدر قربان ملاڻو به خطاب ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button