اليڪشن 2013ٽنڊو محمد خان

وحيده شاھ کي پ پ پاران ٽڪيٽ نه ملي، جيالن جو مظاھرو

فھيم ڀٽي، ٽنڊو محمد خان

وحيده شاھ جا حامي ٽڪيٽ نه ملڻ خلاف احتجاج ڪندي، ٻئي طرف نويد قمر ۽ اعجاز شاھ ڪاغذ جمع ڪرائڻ لاءِ ڪورٽ ايندي
وحيده شاھ جا حامي ٽڪيٽ نه ملڻ خلاف احتجاج ڪندي، ٻئي طرف نويد قمر ۽ اعجاز شاھ ڪاغذ جمع ڪرائڻ لاءِ ڪورٽ ايندي
ٽنڊو محمد خان پي ايس 53 تڪ تي پ پ سان تعلق رکندڙ اميدوار بيهي رهيا، پ پ ٽڪيٽ اعجاز شاهه کي ملي ويئي، اعجاز شاهه جي حامين جون مٺايون، مشهور اوليائن تي چادرون، وحيده شاهه جي حامين جو حيدرآباد بدين روڊ تي مظاهرو، ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون، اڳوڻي ايم اين اي نويد قمر جي ڊپٽي ڪمشنر رستا روڪ، خبر موجب 11 مئي تي ٿيندڙ اليڪشن لاءِ ٽنڊو محمد خان جي پي ايس 53 تڪ تي پ پ جا 3 اميدوار سيد اعجاز شاهه بخاري، بي بي وحيده محسن شاهه ۽ پير احمد سعيد جان سرهندي ميدان تي لٿل آهن، جڏهن 29 تاريخ تي پ پ پارليامينٽ سيد اعجاز شاهه بخاري کي ٽڪيٽ ڏيڻ جو فيصلو ٻڌايو ته بي بي وحيده محسن شاهه جي حامين ۾ ڪاوڙ جي لهر ڇائنجي ويئي جنهن تي هنن ٻي ڏينهن بخاري هائوس کان ريلي ڪڍي سيرت النبي چوڪ تي مظاهرو ڪيو ۽ مظاهري دوران هنن مطالبو ڪيو ته اليڪشن ڪميشن بي بي وحيده شاهه کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي آهي ۽ هاڻ بي بي وحيده شاهه کي ٽڪيٽ ڏني وڃي، هوڏانهن سيد اعجاز شاهه کي ٽڪيٽ ملڻ جي خوشي ۾ پ پ ضلعي صدر حاجي امين لاکو، پ پ جو نامزد اميدوار سيد اعجاز شاهه بخاري، پ پ سٽي صدر معشوق ڀٽي ، سردار شفيق احمد ڀٽي، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بخاري هائوس کان ڪارن ۽ موٽر سائيڪلن جي ريلي ڪڍي مشهور اولياء جمن شاهه ۽ حضرت عبدالفتاح شاهه تي پ پ ضلعي صدر حاجي امين لاکو ۽ پ پ جو نامزد اميدوار سيد اعجاز شاهه بخاري گلن جي چادر چاڙهي ۽ سڀني ضلعي عهديدارن ۽ جيالن هڪٻئي کي مٺائي کارائي ، ان موقعي تي پ پ پاران نامزد اميدوار سيد اعجاز شاهه بخاري اڳوڻي ايم پي اي مرحوم سيد محسن شاهه بخاري جي قبر تي چادر پڻ چاڙهي، جڏهن ته ٽيون اميدوار پير احمد سعيد جان سرهندي ٻڌايو ته جيڪڏهن مون کي پ پ ٽڪيٽ نه ملي ته آئون آزاد اميدوار طور به اليڪشن وڙهندس، هوڏانهن فارم جمع ڪرائڻ جي آخري ڏينهن بي بي وحيده محسن شاهه جي حامين حيدرآباد بدين روڊ تي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏيئي ڌرڻو هڻي فارم جمع ڪرائڻ لاءِ ايندڙ اڳوڻي ايم اين اي سيد نويد قمر جي گهيراءُ ڪري سندس گاڏي کي روڪي ڇڏيو ۽ بي بي وحيده شاهه جي حامين عنايت ميمڻ، منو ڀٽي، وقاص ڀٽي، عبدالغفور ڪنڀار ۽ ٻين نويد قمر کان مطالبو ڪيو ته پي ايس 53 تي بي بي وحيده شاهه کي ٽڪيٽ ڏني وڃي جنهن تي نويد قمر يقين ڏياريو ته آئون مٿي ڳالهائيندس ، اهڙي جواب تي وحيده شاهه جي حامين ڌرڻو ختم ڪري شهر ۾ شٽر بند هڙتال ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ، ان کانپوءِ اڳوڻي ايم اين اي ۽ پ پ جو اين اي 222 تي نامزد اميدوار سيد نويد قمر فارم جمع ڪرائڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته وحيده شاه جي حامين پاران هنيل ڌرڻي ۾ سڀ ماڻهو پ پ جا جيالا هئا ۽ انهن جو مطالبو آئون مٿي تائين پهچائيندس ، فارم جمع ڪرائڻ لاءِ ايندڙ اڳوڻو ايم پي اي ۽ پ پ جو ضلعي صدر حاجي امين لاکو ٻڌايو ته وحيده شاهه جي حامين پاران هنيل ڌرڻي ۾ ڪو به پ پ جو جيالو يا ڪارڪن نه هو اگر ان ۾ ڪو به پ پ جو جيالو يا ڪارڪن هوندو ته ان جي خلاف پارٽي جي ضابطن تحت ڪاروائي ڪئي ويندي ، ڇو جو پ پ پارليامينيٽ اعجاز شاهه بخاري کي ٽڪيٽ ڏني آهي جيڪو اسان سڀني کي قبول ڪرڻ کپي، رابطو ڪرڻ تي ٽنڊو محمد خان شهر جي سڄاڻ ڌرين ۽ پ پ سان تعلق رکندڙن شهرين ٻڌايو ته اعجاز شاهه پ پ جو سچو ڪارڪن آهي جنهن کي پ پ ٽڪيٽ ڏيئي ٽندو محمد خان ۾ پ پ کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ، هوڏانهن پ پ پاران نامزد ڪيل اميدوار سيد اعجاز شاهه بخاري ٻڌايو ته آئون پ پ جو سچو ڪارڪن آهيان ۽ مون کي پ پ پارليامينٽ ٽڪيٽ ڏيئي منهنجي حوصلا افزائي ڪئي آهي ۽ سندن وچن ٿو ڪريان ته ٽنڊو محمد خان جي غريب عوام جي ووٽن سان ڪامياب ٿي ٽنڊو محمد خان جي عوام جي ڀرپور خدمت ڪندس ۽ پارٽي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندس.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button