اليڪشن 2013ھنڱورجا

هن ڀيري تبديلي اڻٽر آهي، پي ايس 33 جي آزاد اميدوار ذوالفقار علي انصاري چونڊ مھم شروع ڪري ڏني

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
پي ايس 33 جي آزاد اميدوار نوجوان صحافي ذوالفقار علي انصاري پنهنجي چونڊ مهم جو آغاز ڪندي سيٺارجا شهر ۾ ريلوي فاٽڪ وٽان وڏي عوامي ريلي ڪڍي سڄي شهر جو گشت ڪندي دڪاندارن ۽ شهرين کي ووٽ ڏيڻ لاءِ چيو ريلي پريس ڪلب پهتي جتي ذوالفقار انصاري خطاب ڪندي چيو ته تڪ جي عوام گذريل 50 سالن کان پيرن ، ڀوتارن ۽ وڏيرن کي آزمائي چڪو آهي هن ڀيري تبديلي اڻٽر آهي تڪ جو عوام مون کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪندو. هن چيو ته 11 مئي تبديلي پسند عوام وڏن وڏن ڀوتارن ۽ پيرن کي ووٽ جي زريعي ڊاهي وجهندو. چونڊن ۾ ڪامياب ٿي تڪ جي اندر تعليم صحت جون سهولتون ڏيڻ سان گڏ بيروزگار نوجوانن کي روزگار سان لڳايو ويندو. منهنجي ڪاميابي غريب مسڪين ماڻهن جي هوندي مون کي تڪ جي پنجاهه کان وڌيڪ برادرين جي حمايت آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button