زراعت

هنڱورجا ۾ ڪڻڪ خريداري اڃا شروع نه ٿي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ،هنڱورجا
هنڱورجا ۾ ڪڻڪ خريداري اڃا شروع نه ٿي خوراڪ کاتي جو مقرر فوڊ انسپيڪٽر واپارين کي باردانو 150 کان 200 روپيه في ٻوري وڪرو ڪرڻ لڳو، باردانو نه ملڻ تي آبادگارن جو فوڊ انسپيڪٽر خلاف احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو، عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان
تفصيل موجب خيرپور ضلعي جي هنڱورجا، رسول آباد ڪڻڪ خريداري سينٽرن تي اڃا تائين خريداري شروع نه ٿي، جڏهن ته سينٽرن تي مقرر فوڊ انسپيڪٽرن آيل بارداني جون ٻوريون آبادگارن کي ڏيڻ بدران واپارين کي 150 کان 200 روپيه تائين في ٻوري وڪرو ڪرڻ وارو ڪاروبار شروع ڪري ڏنو آهي. جنهن تي آبادگار سراپا احتجاج بڻجي روڊن تي نڪري آيا آهن. هن ڏس ۾ خوراڪ کاتي جي فوڊ انسپيڪٽر خلاف سنڌ آبادگار اتحاد جي سڏ تي ڪامريڊ خدابخش سهتو، گلزار احمد سهتو، دين محمد چانگ، لونگ خان حطار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ آبادگارن سخي ناصر شاهه گيٽ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مارچ ڪري ڌرڻو هنيو. مڇريل آبادگارن فوڊ انسپيڪٽر رياض سانگي هٽايو آبادگارن کي باردانو ڏيو جا نعرا هنيا. ان موقعي تي آباگار اڳواڻن الزام لڳايو ته هنڱورجا ۽ رسول آباد ڪڻڪ خريداري سينٽرن تي مقرر فوڊ انسپيڪٽر سينٽرن تي اچڻ بدران ٻاهريان ئي واپارين کي پيسن عيوض باردانو وڪرو ڪري ڇڏي ٿو. جڏهن ته آبادگار باردانو نه ملڻ جي ڪري 200 روپيه گهٽ اگهه تي واپارين کي ڪڻڪ ڏيڻ تي مجبور آهي جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هنن چيو ته ڪرپشن جي بادشاهه فوڊ انسپيڪٽر کي معطل ڪري آبادگارن کي باردانو فراهم ڪري سرڪاري اگهه تي ڪڻڪ خريد ڪئي وڃي. آخر ۾ هنن نگران صوبائي وزير خوراڪ اقبال پاڪ والا کان مطالبو ڪيو آهي ته آبادگارن کي باردانو ڏئي ٿيندڙ نقصان کان بچايو وڃي. آبادگارن ڪرپٽ فوڊ انسپيڪٽر خلاف عدالت ۾ آئيني پٽيشن داخل ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button