مختصر خبرون

هنڱورجا ۾ خوراڪ کاتي پاران ڪڻڪ خريداري شروع نه ٿي سگھي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ھنڱورجا
هنڱورجا ۾ خوراڪ کاتي پاران ڪڻڪ خريداري شروع نه ڪرڻ خلاف آبادگارن جو عبدالعزيز ڀنڀرو، ڪامريڊ ڪانڊيرو خان سهتو، محمد يوسف ٽانوري، دين محمد چانگ، خدا بخش سهتو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ خوراک کاتي جي عملدارن خلاف نعريبازي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ڪڻڪ جو فصل لهي وڃڻ باوجود ڪڻڪ خريداري ۾ ڄاڻي واڻي دير ڪرڻ واپارين کي فائدو رسائڻ آهي جڏهن ته برساتون پڻ سان آبادگارن کي وڏو مالي نقصان رسندو هنن چيو ته ترت هنڱورجا ڪڻڪ خريداري سينٽر تي باردانو ڏئي خريداري شروع ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ ڊي سي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button