ھنڱورجا

هنڱورجا ٿاڻي جي حد ۾ بدامني عروج تي پهتل

انڊس نيوز، هنڱورجا

زخمي ٿيل پ ٽ الف اڳوڻ
زخمي ٿيل پ ٽ الف اڳوڻ
هنڱورجا ٿاڻي جي حد ۾ بدامني عروج تي پهتل هڪ ئي ڏينهن ۾ 3 موٽر سائڪلو ڦرجي ويون هٿياربندن وچ شهر ۾ اسپتال جي ميڊيڪل اسٽور تان هزارين روپيه ڦر ڪري ويا وڌندڙ بدامني شهرين جو ساهه سڪائي ڇڏيو پوليس انتظاميه خاموش تماشائي بڻيل، موٽر سائيڪل ڦر دوارن مزاحمت تي پي ٽي الف اڳواڻ کي مرڻينگ ڪري ويا ڦر واقعن جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿيو.
تفصيل موجب هنڱورجا ٿاڻي جي حد ۾ بدامني عروج تي پهتل آهي. نامعلوم هٿياربندن هنڱورجا سڳيون لنڪ روڊ تي ڳوٺاڻي غلام قاسم ملاح ۽ سڳيون واسي غلام علي چنو کان 2 موٽر سائڪلون 3 موبائل فون ۽ هزارين روپيه روڪ رقم ڦر ڪري ويا. جڏهن ته 3 موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن وچ شهر ۾ قائم سرڪاري اسپتال جي گيٽ وٽ سنڌ ميڊيڪل اسٽور تي ڏينهن ڏٺي جو ڪاهه ڪري اسٽور مالڪ سليم ميمڻ کي سخت تشدد جو نشانو بڻائڻ کان پوءِ اسٽور مان هزارين روپيه ڪيش 2 موبائل فون ڦر ڪري فراري ٿي ويا. جڏهن ته ماڇي مائينر وٽ نامعلوم هٿياربندن پي ٽي الف اڳواڻ محمد اعظم سولنگي کان موٽر سائيڪل 2 موبائل فون روڪ رقم ڦر ڪئي مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربندن وحشياڻو تشدد ڪري کيس جي ٻانهن ڀڃي ڇڏي ۽ فرار ٿي ويا پوليس ڪنهن به واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل ناهي ڪيو نه جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪا ڪاروائي ڪئي آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button