مختصر خبرون

هنڱورجا: وڌندڙ بدامني تي ڪنٽرول نه ٿي سگهيو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
هنڱورجا ۾ وڌندڙ بدامني تي ڪنٽرول نه ٿي سگهيو قومي شاهراهه تي ٽرڪ ڊرائيورن کان ڦر لٽ هڪ ڏينهن اڳ مقرر ٿيل ايس ايڇ او کي به ڊي آءِ جي هٽائي ڇڏيو. نئون ايس ايڇ او مقرر تفصيل موجب هنڱورجا ۾ بدامني تي اڃان تائين ڪنٽرول نه ٿي سگهيو قومي شاهراهه پڪي واٽر سامهون نامعلوم هٿياربندن ٽرڪن کي روڪي ڊرائيورن کان موبائل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا. ٻئي پاسي هڪ ڏينهن اڳ مقرر ڪيل ايس ايڇ او هنڱورجا غلام سرور شر کي به ڊي آءِ جي سکر هٽائي ڇڏيو. قلب عباس شاهه کي هنڱورجا ٿاڻي جو نئون ايس ايڇ او مقرر ڪري ڇڏيو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button