اليڪشن 2013ھنڱورجا

هنڱورجا: فنڪشنل مسلم ليگ ۽ پي پي اميدوارن وچ ۾ چوٽي جو مقابلو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ،هنڱورجا

هنڱورجا: فنڪشنل مسلم  ليگ ۽ پي پي اميدوارن وچ ۾ چوٽي جو مقابلو
هنڱورجا: فنڪشنل مسلم ليگ ۽ پي پي اميدوارن وچ ۾ چوٽي جو مقابلو
اين اي 217 ۽ پي ايس 34 تڪ تي فنڪشنل مسلم ليگ ۽ پي پي اميدوارن وچ ۾ چوٽي جو مقابلو ٻنهي پارٽين جي اميدوارن چونڊ کٽڻ لاءِ ننهن چوٽي جا زور لڳائڻ ۾ مصروف، اميدوارن کي پراڻيون تعزيتيون به ياد اچي ويون ، رٺلن کي پرچائڻ جو سلسلو به جاري، چونڊ مهم لاءِ اميدوارن نعرا هڻڻ لاءِ ڪارڪنن جا جٿا تيار ڪري ورتا. 11 مئي تي سندن جي قسمت جو فيصلو ٿيڻو آهي. چونڊ مهم ۾ ٻين سياسي پارٽين ۽ آزاد اميدوار به ميدان لٿل
پيرائتي رپورٽ موجب اين اي 217 جتي ٽي ڀيرا پي پي اميدوار ڪامياب ٿيندو رهيو آهي هن تڪ تي هن ڀيري فنڪشنل مسلم ليگ جي پير آف هنڱورجا پير سيد ڪاظم علي شاهه لڪياري ۽ اڳوڻي وزيراعلي سنڌ سيد قائم علي شاهه جو ڀاڻيجي سيد جاويد شاهه جيلاني وچ ۾ چوٽي جو مقابلو ٿي رهيو آهي. جڏهن ته پي ايس 34 تي درگاهه پير ڳوٺ جي چشم چراغ پير سيد صدرالدين شاهه جي فرزند پير سيد اسماعيل شاهه راشدي جو مقابلو 2 ڀيرا اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪندڙ پي پي اميدوار ۽ اڳوڻي ايم پي اي نعيم احمد کرل سان ٿي رهيو آهي. 11 مئي تي ٿيندڙ چونڊ کٽڻ لاءِ پي پي ۽ فنلشنل ليگ اميدوار نهن چوٽي لڳائي رهيا آهن. تڪ جي اندر ٻنهي پارٽين جا اميدوار ننڍن وڏن ڳوٺن ۾ وڃي ماڻهن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرڻ لاءِ آماده ڪري رهيا آهن. اميدوار جيڪي اي سي بنگلن ۽ اي سي گاڏين ۾ رهڻ وارا هاڻي اهي غريبن جي جهوپڙين ۾ رهندڙ ميرا ڪپڙا پاتل ماڻهن کي ٻٽا ٻٽا ڀاڪر پائڻ لڳا آهن. هن سلسلي ۾ اين اي 217 جي فنڪشنل ليگ اميدوار ڪاظم علي شاهه ۽ پي ايس 34 جي اميدوار سيد اسماعيل شاهه راشدي تعلقي صوڀوديرو جي مختلف ڳوٺن ۾ ڪارنر گڏجاڻين ۽ پارٽي ورڪرن جي ميڙاڪن کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جا ٻيٽ وڪرو ڪندڙ پي پي جي اميدوارن کي عوام ڪڏهن به ووٽ نه ڏيندو. فنڪشنل ليگ اميدوار ڪاميابي حاصل ڪندا ايندڙ سنڌ حڪومت فنڪشنل ليگ جي هوندي ۽ وزيراعلي به اسان جو هوندو. سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائيندڙ کي 11 مئي تي پتو پئجي ويندو ته سنڌ جو عوام ڪنهن سان گڏ آهي. هوڏانهن اين اي 217 جي پي پي اميدوار جاويد شاهه جيلاني ۽ پي ايس 34 جي اميدوار نعيم احمد کرل مختلف ڳوٺن ۾ طوفاني دورا ڪري گڏجاڻيون ڪيون آهن. ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي جاويد شاهه جيلاني ۽ نعيم کرل دعوا ڪئي ته 11 مئي سنڌ جو غيرتمند عوام هڪ ڀيرو ٻيهر تير تي ٺپو هڻي مخالفن کي عبرتناڪ شڪست ڏيندو. هنن چيو ته پي پي پنج سالن جي دور حڪومت ۾ لکين ماڻهن کي روزگار کانسواءِ لکين عورتن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت گهر ويٺي وظيفو ڏنو پيو وڃي. مخالف چونڊن ۾ شڪست ڏسي هاڻي کان ئي ڌانڌلين جا ڪوڙا الزام هڻي رهيا آه

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button