مختصر خبرون

هنڱورجا: اين سي ايڇ ڊي جي استادن مستقل نه ڪرڻ خلاف مظاھرو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
هنڱورجا ۾ اين سي ايڇ ڊي جي استادن مستقل نه ڪرڻ ۽ وڌايل پگهارون نه ملڻ خلاف محمد ملوڪ ڪلهوڙو ، ممتاز ناريجو، محمد عظيم سهتو، علي ڏنو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. مظاهرين الزام لڳايو ته پ پ حڪومت فيڊر اسڪول ٽيچر جي پگهار 8 هزار ڪرڻ جو اعلان ڪيو هيو جنهن تي اڃا تائين عمل نه ٿي سگهيو آهي ۽ استاد اڃا تائين 25 سئو تي ڪم ڪري رهيا آهن. جيڪا وڏي ناانصافي آهي جڏهن ته ڪيترئي عرصي کان مستقل نٿو ڪيو وڃي 20 اپريل تائين وڌايل پگهارون ڏئي پڪو نه ڪيو ويو ته ڊي سي آفيس خيپور جي آڏو احتجاج ڪيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button