مختصر خبرون

هنڱورجا:بهه جي واپاري جي گهر مان لکين روپين جو ڌاڙو

رسول آباد لڳ نامعلوم هٿياربند بهه جي واپاري جي گهر مان لکين روپين جو ڌاڙو، مزاحمت تي کيس کي زخمي ڪري فرار، ڪيس داخل نه ٿيو، کوجي ڪتن ذريعي پيرا کڻي ڳوٺ لاشاري ۾ هنيا، پوليس ڇڪ جي بنياد تي ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو
تفصيل موجب رسول آباد لڳ 10 نامعلوم هٿياربندن بهه جي واپاري محمد معروف ٿيٻو جي گهر ۾ گهڙي گهر ڀاتين کي هڪ ڪمري ۾ بند ڪري سندن مٿان وحشياڻو تشدد ڪرڻ کان پوءِ هٿيارن جي زور تي لکين روپين جو ڌاڙو هنيو. جڏهن ته گهر ڌڻي محمد معروف کي شديد زخمي ڪري فرار ٿي ويا. زخمي محمد معروف ٻڌايو ته هٿياربند 3 لک روپيه روڪ، چار موبائل فون، سونا زيورات ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪري ويا آهن. هوڏانهن اطلاع مليو آھي ته محرابپور ۽ ڪوٽڙي ڪبير پوليس پهچي کوجي ڪتن زريعي پيرا کڻائي ڳوٺ غلام اڪبر لاشاري ۾ گل حسن ۽ لعل بخش جي اوطاق ۾ هنيا جتان پوليس ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو. آخري اطلاعن تائين ڌاڙي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button