تعليم ۽ نئين ٽھي

موٽر وي پوليس ۽ اسڪولي شاگردن روڊ حادثن کان بچاءُ لاءِ جاڳرتا ريلي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا

 موٽر وي پوليس ۽ اسڪولي شاگردن روڊ حادثن کان بچاءُ لاءِ جاڳرتا ريلي

موٽر وي پوليس ۽ اسڪولي شاگردن روڊ حادثن کان بچاءُ لاءِ جاڳرتا ريلي
هنڱورجا ۾ موٽر وي پوليس ۽ اسڪولي شاگردن روڊ حادثن کان بچاءُ لاءِ جاڳرتا ريلي ڪڍي سيمينار منعقد ڪيو ويو. روڊ حادثن کان بچڻ لاءِ قانون تي عمل ڪرڻ ضروري آهي مقررين جو خطاب. تفصيل موجب هنڱورجا ۾ موٽر وي پوليس ۽ ايورگرين پبلڪ اسڪول جي شاگردن گڏيل طور روڊ حادثن کان بچڻ لاءِ ڊي ايس پي موٽر وي نعيم احمد ملڪ ، پروفيسر فيض محمد سهتو، الله رکيو خاصخيلي، غلام جعفر ٽانوري، فرحان ميمڻ، ظفر سولنگي جي اڳواڻي ۾ اسڪول وٽان جاڳرتا ريلي ڪڍي جيڪا قومي شاهراهه تان گشت ڪري لڪياري پيٽرول پمپ وٽ پهتي جتي سيمينار منعقد ڪيو ويو جنهن کي اين اي 217 جي فنڪشنل اميدوار پير سيد ڪاظم علي شاهه ، ڊي ايس پي موٽر وي نعيم احمد ملڪ، پروفيسر فيض محمد، وڏيرو عزيز احمد سهتو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته روڊ حادثن کان بچڻ لاءِ ان جي قانون تي عمل ڪرڻ انتهائي ضروري آهي. خاص طور تي موٽر سائيڪل سوار هيلمنٽ جو استعمال نٿا ڪن جنهن ڪري حادثي جي صورت ۾ جان نقصان پڻ پهچي ٿو ، جڏهن ته گاڏي هلائڻ دوران موبائل استعمال ڪرڻ سان پڻ حادثو پيش اچي ٿو جيڪڏهن موٽر وي جي قانون تي عمل ڪيو وڃي ته تمام گهٽ جانيون ضايع ٿينديون. هنن چيو ته روڊ تي گاڏي هلائڻ دوران اسپيڊ جو به خيال رکڻ سان گڏ وڏي گاڏي جا ڊرائيور سيٽ بيلٽ جو پڻ استعمال ڪن. ان موقعي تي پير سيد ڪاظم علي شاهه لڪياري پنهنجي پاران ڊي ايس پي موٽر وي کي 10 کان وڌيڪ هيلمنٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button