اليڪشن 2013سکر

مون ڪڏهن به ڪوڙ ناهي ڳالهايو اسلام جو پيروڪار آهيان، عبدالحق ڀرٽ

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، بيورو رپورٽ، سکر
Bhart (640x350)سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ۾اڳوڻي صوبائي مير نادر مگسي رٽرننگ آفيسر پاران ڊگري واري اعتراض تي کيس نااهل ڏيڻ خلاف ٽربيونل ۾ اپيل داخل ڪئي جنهن تي عدالت ڌر ڄاڻايلن کي 16 اپريل تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو، اين اين 217 جي اميدوار غلام رسول ناريجو، پي ايس 34 جي اميدوار علي داد ناريجو وڪيل احمد علي شاهاڻي معرفت اپيل داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته منهنجو ووٽ ٻئي تڪ ۾ ظاهر ڪيو ويو هو جيڪو اليڪشن ڪميشن نوٽيفڪيشن ذريعي ساڳي تڪ ۾ داخل ڪيو آهي نوشهروفيروز جي پي ايس 20 جي اميدوار عبدالحق ڀرٽ ٽربيونل آڏو پيش ٿي پڇيل سوالن جا جواب ڏنا هن عدالت کي ٻڌايو ته مون ڪڏهن به ڪوڙ ناهي ڳالهايو اسلام جو پيروڪار آهيان ڪڏهن ڪڏهن نماز رهجي ويندي آهي اهڙو سچ ڳالهائڻ تي رٽرننگ آفيسر نامينيشن فارم رد ڪيو آهي، ان موقعي تي عدالت اليڪشن ڪمشنر سکر کان اعتراضن بابت پڇاڻو ڪيو جنهن تي هو عدالت کي ڪجهه به ٻڌائي نه سگهيو جنهن بعد عبدالحق ڀرٽ جو فارم بحال ڪيو ويو ، پي ايس 37 رتوديرو جي اميدوار غلام رسول ابڙو فارم رد ٿيڻ خلاف درخواست داخل ڪندي عدالت کي ٻڌايو ته سيپڪو بلاجواز مٿس 6 لک روپيا رهتو ظاهر ڪيا آهن جيڪي سندن قانوني رهتو بڻجن ٿا اهو آءٌ ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، پي ايس 34 جي اميدوار منور وساڻ رٽرننگ آفيسر پاران نااهل قرار ڏيڻ کي الڪيشن ٽربيونل ۾ چئلنج ڪندي چيو ته سندس تڪ ۾ ووٽ داخل نه هجڻ وارو مسئلو حل ٿي ويو آهي فارم کي بحال ڪيو وڃي جنهن تي عدالت سمورن اميدوار جي اپيلن کي ٻڌڻ جواڳو قرار ڏيندي12 اپريل تي ڌر ڄاڻايلن سميت پيش ٿيڻ جو جو حڪم ڏنو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button