اليڪشن 2013ھنڱورجا

مولانا محسن شاھ نقوي جي چونڊ مھم تيز

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا

مولانا محسن شاھ نقوي جي چونڊ مھم تيز
مولانا محسن شاھ نقوي جي چونڊ مھم تيز
پي ايس 34 جي آزاد اميدوار مولانا محسن علي شاهه نقوي دعوا ڪئي آهي ته 11 مئي تي تعلقي صوڀوديرو ۽ گمبٽ جو عوام روايتي سياسي پارٽين جي اميدوارن کي هر گز ووٽ نه ڏيندو عوام سجاڳ ٿي چڪو آهي ۽ هن ڀيري عوام نيڪ ۽ ديندار اميدوار کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪندو. هنڱورجا جي سولنگي محلا، هاشماڻي محلا، سومرا، گلال محلا ۾ ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي محسن نقوي چيو ته انهن سڀني ڪوڙن افواهن کي رد ڪريون ٿا جيڪي منهنجي هٿ کڻڻ بابت هلايون پيون وڃن. هن ڀيري مخالفن جو مڙسي سان مقابلو ڪرڻ جو عزم ڪري چونڊن جي ميدان ۾ لٿل آهيان . عوام ڪوڙن ڏٽن ۽ دلاسن ڏيڻ بدران سچي ۽ ايماندار اميدوار کي ووٽ ڪن.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button