اليڪشن 2013مورو

مورو: ڪانڌڙا برادري جو ڪٺ، نيشنل پيپلز پارٽي جي حمايت جاري رکڻ جو فيصلو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، مورو
ڪانڌڙا برادري جو ڪٺ، نيشنل پيپلز پارٽي( اين پي پي) جي حمايت جاري رکڻ جو فيصلو اين پي پي هميشه عوامي خدمت ڪئي آهي، جتوئي خاندان جو ڀرپور ساٿ ڏبو صوفي غلام مصطفى ڪانڌڙو ۽ ٻين جو خطاب، ڪانڌڙا برادري جو ڪٺ برادري جي سربراه ۽ چڱي صوفي غلام مصطفى ڪانڌڙو جي زير صدارت ٿي گذريوجنهن ۾ برادري جي معزز علي نواز ڪانڌڙو، نور محمد ڪانڌڙو، ڊاڪٽر ڇٽل ڪانڌڙو، غلام حيدر ڪانڌڙو، محمد جمن ڪانڌڙو، طالب حسين ڪانڌڙو،تاج محمد ڪانڌڙو، جاويد مصطفىٰ ڪانڌڙو، شفيع محمد ڪانڌڙو ۽ ٻين شرڪت ڪئي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اين پي پي جي حمايت جاري رکي ويندي، هنن چيو اين پي پي قيادت سنڌ اسمبلي ۾ سنڌ لاءِ آواز اٿاريو ۽ هر وقت سنڌ جي وسيع مفادن لاءِ جاکوڙي رهيا آهن، هن اليڪشن ۾ عوام نيشنل پيپلز پارٽي جي اميدوارن کي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪندا.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button