مختصر خبرون

مورو: ڀوتارن مورو جي عوام کان ووٽ وٺي انهن کي نڌڻڪو ڇڏي پاڻ عياشيون ڪيون، ڪاظم علي شاھ

انڊس نيوزڊاٽ نيٽ، مورو
پي ايس 23 جي آزاد اميدوار سيد ڪاظم علي شاھ پاران اليڪشن ورڪ جي سلسلي ۾ تعلقي مورو جي مختلف ڳوٺن جا دورا ڪرڻ کانپوءِ مورو شهر جي گولڊن گرائونڊ تي عورتن ۽ مردن جي هڪ وڏي جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته 65 سالن کان وٺي هن مهل تائين هتان جي ڀوتارن مورو جي عوام کان ووٽ وٺي انهن کي نڌڻڪو ڇڏي پاڻ عياشيون ڪيون آهن جنهن جي ڪري مورو شهر کنڊرن ۾ تبديل ٿي ويو آهي شهر ۾ صحت تعليم صفائي جي ڪابه سهولت موجود ناهي جنهن جي ڪري هتان جي عوام جو جيئڻ عذاب بڻجي ويو آهي ان ڪري مان مظلوم ماڻهن جو آواز بڻجي اليڪشن جي ميدان ۾ لٿو آهيان ۽ اميد ٿو ڪريان ته عوام مونکي ووٽ ڪري اسيمبلين تائين پهچائيندو ۽ مان مورو جي شهر جي بگڙيل صورتحال کي سڌارڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندس ان موقعي تي ڊاڪٽر غلام شبير ميمڻ، سيد ڪوڙل شاھ، سيد گلڻ شاھ، بلاول ڏاهري، سجاد علي شاھ، امان قاضي، علي شير سيهڙ، شفيق چانڊيو، هارون ڪلهوڙو، ڪاشف ٻرڙو، غلام شبير ٻرڙو، سيد زنوار شاھ، ڊاڪٽر الطاف ميمڻ، ظفر عباسي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button