پريمي جوڙامورو

مورو :پسند جو پرڻو ڪندڙ تحظ لاءِ اپيل ڪندي

انڊس نيوزڊاٽ نيٽ، مورو

مورو :پسند جو پرڻو ڪندڙ تحظ لاءِ اپيل ڪندي
مورو :پسند جو پرڻو ڪندڙ تحظ لاءِ اپيل ڪندي
مورو شھر جي باءِ پاس واري علائقي وارڊ نمبر 19 جي نوجوان زبير احمد سولنگي دادو شھر جي نوجوان ناري ڪنول عرف گوما سان سول ۽ جوڊيشنل مئجسٽريٽ بدين جي عدالت ۾ پسند جي شادي ڪرڻ کانپوءِ نوجوان ناري ڪنول عرف گوما سولنگي پنھنجي مڙس سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته منھنجي پيءُ منھنجي مڱ پئسن عيوض ذبير احمد سولنگي سان ڪرائي ھئي ۽ ان کان پيسا وٺي ھڙپ ڪري مونکي وڌيڪ پئسن عيوض ٻي ذات جي پوڙھي ۽ موالي شخص سان شادي ڪرائڻ چاھي پيو جيڪا ڳالھ مونکي پسند نه آئي ۽ مون پوءِ پنھنجي مڱيندي ذبير احمد سولنگي سان رابطو ڪيو ۽ ان سان پنھنجي رضا مندي سان گھران نڪري عدالت ۾ پسند جي شادي ڪئي جنھن کانپوءِ منھنجو پيءُ غلام شبير سولنگي ۽ چاچا امير غلام مصطفا سولنگي منھنجا منھنجي مڙس جا ۽ منھنجي مڙس جي مائٽن جا جاني دشمن بڻجي ويا آھن ۽ اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن اسان کي خطرو آھي ته اسان کي قتل نه ڪيو وڃي ان ڪري اسان چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ، جسٽس ھاءِ ڪورٽ سکر، آر پي او سکر، ايس ايس پي نوشھروفيروز، ايس ايڇ او مورو ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ٿا ڪريون ته اسان کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button