مختصر خبرون

مورو: ٽرڪ ٻورين سميت ڦر، پوليس تماشائي بڻيل

جاويد مصطفيٰ ڪانڌڙو، انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، مورو
مورو ڀرسان دادو مورو پُل وٽ دادو پوليس جي حد ۾ نا معلوم هٿيار بند ڪڻڪ جي ٻورين سان ڀريل ٽرڪ کي روڪي ٽرڪ مالڪ جاويد سولنگي، نواب سولنگي ۽ ڊرائيور عبدالجبار سولنگي کي يرغمال بڻائي انهن جا هٿ پير ٻڌي ڪڻڪ جي ٻورين سان ڀريل ٽرڪ کي ڪاهي فرار ٿي ويا اهڙي رپورٽ ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي اهڙي عمل خلاف جاويد سولنگي نواب سولنگي ۽ عبدالجبار سولنگي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ان موقعي تي هنن چيو ته ڌاڙا ڦرون چوريون روز جو معمول بڻيل آهن اسان کي نا معلوم هٿياربند يرغمال بڻائي ٽرڪ سميت 300 ڪڻڪ جو ٻوريون ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا ۽ پوليس اطلاع جي باوجود خاموش تماشائي بڻيل آهي هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري ڦر ڪيل ٽرڪ ۽ 300 ڪڻڪ جون ٻوريون واپس ڪرايون وڃن نه ته احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button