مختصر خبرون

مورو: خيرپور جي نوجوان پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، مورو
خيرپور جي نوجوان وسيم عباس زرداري پنجاب صوبي جي شھر اوڪاڙا جي نوجوان ناري صدف رفيق راجپوت سان عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو، مائٽن مان خطرو آھي تحفظ جي اپيل ٿا ڪريون، تفصيل موجب، خيرپور ضلعي جي ڳوٺ بلوچ خان زرداري جي نوجوان وسيم عباس زرداري ۽ صوبه پنجاب جي شھر اوڪاڙا جي چڪ نمبر 393 آر جي رھواسڻ نوجوان ناري صدف رفيق راجپوت نوشھرفيروز ۾ جسٽس آف پيس غلام محمد عباسي وٽ پھچي پسند جي شادي ڪري ڇڏي ۽ اھڙو حلف نامو جمع ڪرايو بعد ۾ ناري صدف رفيق راجپوت پنھنجي پريمي مڙس وسيم عباس زرداري سان پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته مونکي نه ڪنھن ورغلايو آھي ۽ نه وري ڪنھن اغوا ڪيو آھي مون پنھنجي ھوش حواس ۽ عقل سان پنھنجي رصا مندي سان گھران نڪري وسيم عباس زرداري سان پيار جو پرڻو ڪيو آھي جنھن کانپوءِ منھنجو پيءُ محمد رفيق راجپوت ڀائر عدنان ۽ منھنجا ماما منھنجا ۽ منھنجي مڙس جا جاني دشمن ٿي پيا ۽ اسان کي موبائل فون تي سگين نتيجا ڀوڳڻ ۽ موتمار ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن اھڙي درخواست اسان تحفظ جي لاءِ سکر ھائي ڪورٽ ۾ پڻ داخل ڪرائي آھي ھنن سکر ھائي ڪورٽ جي جسٽس، آئي جي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته اسان کي تحفط ۽ انصاف فراھم ڪيو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button