مورو

مورو: تحفظ فراھم ڪيو وڃي، نئين شادي ڪندڙ جوڙي جي پريس ڪانفرنس

جاويد ڪانڌڙو، انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، مورو
دادو جي نوجوان ناري ۽ مورو جي نوجوان عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو تحفظ جي اپيل، خبر تفصيل موجب؛ دادو جي رهواسڻ نوجوان ناري عشرت ڌيءَ غلام شبير ٻٻر موري تعلقي جي ڳوٺ فتح محمد پنهور جي رهواسي نوجوان طائب چانڊيو مشهور وڪيل سبحان زرداري جي معرفت نوشهروفيروز ۾ جسٽس آف پيس وٽ پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو بعد ۾ نوجوان ناري عشرت ٻٻر پنهنجي چاهيندڙ مڙس سان پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته مننهنجا مائٽ لالچي قسم جا ماڻهو آهن ۽ مونکي هڪ پوڙهو شخص سان پرڻائڻ چاهين پيا جيڪا ڳالھ مونکي پسند نه هئي ۽ مون کي نه ڪنهن اغوا ڪيو آهي نه وري ڪنهن جي زور زبردستي سان آئي آهيان مون پنهنجي هوش حواس ۽ عقل سان طائب چانڊيو سان پيار جو پرڻو ڪيو آهي هن چيو ته شادي کانپوءِ منهنجا مائٽ منهنجا ۽ منهنجي مڙس ۽ ان جي گهر ڀاتين جا جاني دشمن ٿي پيا آهن اسان کي موتمار ڌمڪيو ڏيڻ سان گڏ سنگين ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن اسان جي جان کي خطرو آهي ٿي سگهي ٿو ته اسان کي ڪارو ڪاري ڪري قتل ڪيو وڃي، هن چيف جسٽس آف هاءِ ڪورٽ کان مطالبو ڪيو ته اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button