اليڪشن 2013مورو

مورو:رٽرننگ آفيسر وٽ آخري ڏهاڙي تي به اميدوارن جي فارمن جي ڇنڊ ڇاڻ جو سلسلو جاري رهيو

جاويد ڪانڌڙو، مورو
مورو جي رٽرننگ آفيسر وٽ اڄ آخري ڏهاڙي تي به اميدوارن جي فارمن جي ڇنڊ ڇاڻ جو سلسلو جاري رهيو ان سلسلي ۾ اين 211 پ پ جي اميدوار ذوالفقار علي بهڻ، پي ايس 22 تي پ پ اميدوار ڊاڪٽر عبدالستار راڄپر، اين اي 211 تي مسلم ليگ ن جي اميدوار غلام مرتضىٰ آرائين، پي ايس 19 تي مسلم ليگ ن جي اميدوار سيد ذوهيب علي شاھ، پي ايس 22 تي آزاد اميدوار سيد امير علي شاھ، اين اي 211 تي ڀٽا اتحاد جي محمد امين ڀٽو، اين اي 211 تي پ پ شهيد ڀٽو جي اميدوار ڪامريڊ راشد علي ڪلهوڙو جا فارم بحال ڪيا ويا جڏهن ته قومي عوامي تحريڪ جي اميدوار غلام فريد ڪلهوڙو جو فارم بجلي جو باقيدار هئڻ ڪري رد ڪيو ويو، هوڏانهن پ پ جي اميدوار ذوالفقار علي بهڻ جو بحال ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ رياض بهڻ، اياز بهڻ، اڪبر سمون، حاجي بادل زرداري، اڪبر راجپوت، غلام حسين مري، محمد ڇٽل ابڙو، فوٽو ٻرڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ڪارڪنن ۽ همدردن ۽ شهرين گلن جي ورکا ڪري گلن جا هار پرايا ۽ مبارڪباد ڏني ۽ خوشيءَ ۾ مٺائي ورهائي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button