اليڪشن 2013مورو

مورو:جتوئي ڀائرن کان پڇڻ گهرجي ته انهن ڪامياب ٿي عوام کي ڇا ڏنو، پ پ اڳواڻ

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، مورو

مورو:جتوئي ڀائرن کان پڇڻ گهرجي ته انهن ڪامياب ٿي عوام کي ڇا ڏنو، پ پ  اڳواڻ
مورو:جتوئي ڀائرن کان پڇڻ گهرجي ته انهن ڪامياب ٿي عوام کي ڇا ڏنو، پ پ اڳواڻ
اين اي 211 جي اميدوار ذوالفقار علي بهڻ، پي ايس 23 جي اميدوار فيروزا خان جمالي پنهنجي اليڪشن مهم روڪ تيز ڪري ڇڏي ان سلسلي ۾ مورو شهر جي لطيف ڪالوني ۾ اڪرم آرائين پاران هڪ جلسي عام جو بندوبست ڪيو ويو جنهن ۾ گڏ ٿيل هڪ وڏي عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي فريال ٽالپر جي ڪو آرڊينيٽر ۽ پ پ اڳواڻ ضياءَ الحسن لنجار چيو ته پ پ کي ڪجھ ماڻهو سنڌي ماڻهن جي پارٽي سمجهندا آهن پر ائين ناهي هن پارٽي ۾ هر برادريءَ ۽ ذات جو ماڻهو موجود آهي ۽ اسان بنا ڪنهن اونچ نيچ ۽ ذات پات جي عوام جي خدمت ڪئي آهي ۽ ڪجھ رهيل ڪم اليڪشن م ڪامياب ٿي پوءِ ڪرائينداسين پر مورو جي عوام کي 40 سالن کان هتي ووٽ وٺي کٽيندڙ جتوئي ڀائرن کان پڇڻ گهرجي ته انهن ڪامياب ٿي عوام کي ڇا ڏنو هن چيو ته آئون ڪو جاگيردار ناهيان مونکي سڃاڻپ پ پ ڏني آهي ۽ چڱا ڀلا وڏيرا منهنجي پويان هلي رهيا آهن، اين اي 211 جي اميدوار ذوالفقار علي بهڻ خطاب ڪندي ته وقت جي حالتن مونکي عوام کان پري ڪري ڇڏيو هو پر هاڻي مان اوهان سان گڏ آهيان مونکي جيڪا عوام موٽ ڏني آهي ان سان دل منهنجي باغ بهار ٿي وئي آهي مان توهان عوام سان واعدو ٿو ڪريان ته جيڪو مونکي اجرڪ ۽ ٽوپي پارائي وئي آهي ان جو هر صورت ۾ مان رکندس، پي ايس 23 جي اميدوار پ پ اڳواڻ فيروز احمد جمالي خطاب ڪندي چيو ته آرائين برادري شهيدن جي پارٽي ۾ شامل ٿي صحيح فيصلو ڪيو آهي لطيف ڪالوني مورو جي اهم ڪالونين ۾ شمار ٿيندي هئي پر هتي مسئلن وڌڻ سبب هن ڪالوني جا ماڻهو مشڪلات ۾ ڦاٿل آهن ائين محسوس ٿي رهيو ته هن ڪالوني جو ڪو به ڌڻي سائين ناهي رهيو آئون ڪامياب ٿي هن ڪالوني جي مسئلن کي اوليت جي بنياد تي حل ڪندس، هن وڌيڪ چيو ته پ پ چئن ڀائرن جي پارٽي نه پر عوامي پارٽي آهي ۽ ان ۾ شامل سڀني ماڻهن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو وڃي، پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي ناظم شاهپورجهانيان حاجي خالد حسين آرائين چيو ته ادي فريال ٽالپر اسان سان جيڪي به واعدا ڪيا اهي پورا ڪيا ۽ اميد ٿا ڪريون ته پ پ اڳواڻ ذوالفقار بهڻ ۽ فيروز احمد جمالي ڪامياب ٿي کنڊر بڻيل مورو جي ترقي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو ان موقعي تي رئيس خان محمد خان جمالي، سڪندر علي ڪورائي، محمد اڪرم آرائين، هاجي عبدالطيف آرائين، عرفان علي جمالي، محمد عيسى پٺاڻ، ايڊوڪيٽ عبدالسالم عارف، استاد محمد اڪرم آرائين، اڪبر سمون، حاجي بادل زرداري، محمد خان ڪورائي، غلام حيدر بڙدي غلام حسين مري، غلام اڪبر راجپوت، ملڪ محمد شريف سنڌي، شوڪت قريشي، سيد مقبول شاھ، سيد نذير علي شاھ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو ان کان اڳ لطيف ڪالوني ۾ جلسي گاھ ۾ پهچڻ تي پ پ اڳواڻن ۽ اميدوارن جو دهلن شرنائين ۽ گلاب جي گلن سان شاندار استقبال ڪيو ويو ۽ ٽوپين ۽ اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button