اليڪشن 2013باڊھ

موجوده پ پ هاڻ شهيد راڻي بينظير ڀٽو واري پارٽي ناھي رھي، ڊاڪٽر صفدر عباسي

عبدالمجيد جهتيال، باڊهه

موجوده پ پ هاڻ شهيد راڻي بينظير ڀٽو واري پارٽي ناھي رھي، ڊاڪٽر صفدر عباسي
موجوده پ پ هاڻ شهيد راڻي بينظير ڀٽو واري پارٽي ناھي رھي، ڊاڪٽر صفدر عباسي
اين اي 205 جي آزاد اميدوار ڊاڪٽر صفدر عباسي باڊهه ۾ ڪانڌڙا برادري جي اڳواڻ الهه رکيو ڪانڌڙو پاران سندس مان ۾ ڏنل ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي چيو ته موجوده پ پ هاڻ شهيد راڻي بينظير ڀٽو واري پارٽي نه رهي آهي، موجوده پ پ زرداري واري پ پ پارٽي آهي، جنهن وٽ غريب عوام لاءِ ڪو به پروگرام ڪونهي، هن چيو ته عباسي خاندان ڪنهن به ڳجهو ناهي، عباسي خاندان محترمه بينظير سان پاڇي جيان گڏ رهيو آهي، هن چيو ته آئون اين اي 205 تي آزاد حثيت ۾ بيٺو آهيان ان ڪري ته ضلعي جي چونڊيل نمائندن اوهان کان ووٽ وٺي اوهان کي نظر انداز ڪيو آهي، اڳوڻن چونڊيل نمائندن اوهان کان ووٽ وٺي اسميبلن ۾ وڃڻ کانپوءِ 5 سال مال ميڙڻ ۾ گذاريا، هن چيو ته اسان اڳ به عوام جي خدمت ڪئي آهي ۽ هاڻي به ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ عوام جي خدمت ڪنداسين، آئون ڪامياب ٿي اوهان جي خدمت ڪندس.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button