اليڪشن 2013باڊھ

ملڪ جو عوام پ پ پارٽي کان بيزار ٿي چڪو آهي، امداد چولياڻي

عبدالمجيد جهتيال، باڊهه

امداد چولياڻي
امداد چولياڻي
پي ايس 41 جي اميدوار ۽ نواز ليگ اڳواڻ امداد چولياڻي باڊهه ۾ صحافي ڀائرن عبدالخالق مغيري ۽ منصور مغيري سان سندن والد جي وفات تي تعزيت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پ پ وارن گذريل 5 سالن دوران عوام کي مهانگائي، بيروزگاري، بدامني جهڙا تحفا ڏنا، جنهنڪري هن ملڪ جو عوام پ پ پارٽي کان بيزار ٿي چڪو آهي، اسين اليڪشن کٽي لاڙڪاڻي جي تاريخي حثيت بحال ڪنداسين ۽ باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏيارينداسين، ڇو ته باڊهه هن خطي جو قديم ۽ تاريخي شهر آهي، کيس ماضي ۾ ڄاڻي واڻي نظرانداز ڪيو ويو آهي، هن چيو ته پي ايس 41 ۽ اين اي 205 تي فنڪشنل ليگ ۽ نواز ليگ ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ بابت ڳالهيون هلن پيون، پارٽي جيڪو به فيصلو ڪندي اهو قبول هوندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button