ھنڱورجا

مشرف گرفتاريءَ خلاف ھنڱورجا ۾ مظاھرو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا

مشرف گرفتاريءَ خلاف ھنڱورجا ۾ مظاھرو
مشرف گرفتاريءَ خلاف ھنڱورجا ۾ مظاھرو
هنڱورجا ۾ آل پاڪستان مسلم ليگ جي سربراهه جنرل پرويز مشرف جي گرفتاري خلاف مسلم ليگ جي صوبائي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري سرائي نياز حسين خاصخيلي، فواد حسين ، اصغر خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن قومي شاهراهه تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، مڇريل مظاهرين حڪومت جي خلاف سخت نعريبازي ڪري ٽائرن کي باهيون ڏنيون. ان موقعي تي اڳواڻن الزام لڳايو ته جنرل مشرف کي بنا سبب جي گرفتار ڪيو ويو آهي. جيڪا وڏي ناانصافي آهي پرويز مشرف جي دور حڪومت ۾ ملڪ جي اندر اربين روپين جا ترقياتي ڪم ڪرايا ۽ هيٺئين سطح تي اقتدار عوام تائين منتقل ڪيو. مشرف کي ۽ ان جي پارٽي کي چونڊن ۾ ٻاهر رکڻ لاءِ گرفتار ڪيو ويو آهي. مشرف کان سواءِ ٿيندڙ چونڊن کي قبول نه ڪيو ويندو.هنن جنرل مشرف کي فوري طور تي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button