ھنڱورجا

مسلم ليگ ن جي مرڪزي اڳواڻ امير بخش ڀٽو مٿان ڪيس داخل ڪرڻ تي هنڱورجا ۾ قومي شاهراهه تي ڌرڻو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا

مسلم ليگ ن جي مرڪزي اڳواڻ امير بخش ڀٽو مٿان ڪيس داخل ڪرڻ تي هنڱورجا ۾ قومي شاهراهه تي ڌرڻو
مسلم ليگ ن جي مرڪزي اڳواڻ امير بخش ڀٽو مٿان ڪيس داخل ڪرڻ تي هنڱورجا ۾ قومي شاهراهه تي ڌرڻو
هنڱورجا ۾ مسلم ليگ ن جي مرڪزي اڳواڻ امير بخش ڀٽو مٿان ڪيس داخل ڪرڻ تي نواز ليگ ڪارڪنن جو هنڱورجا ۾ قومي شاهراهه تي ڌرڻو ، ٽريفڪ جام، مسلم ليگ تعلقه صوڀوديرو جي ڪارڪنن تعلقه صدر منصور علي سولنگي، ضمير حسين سهتو، وزير حسين سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻ ۾ هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب جي سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي مظاهرين امير بخش ڀٽو تي ڪوڙا ڪيس ختم ڪريو جا اڀ ڏاريندڙ نعريبازي ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي مظاهرو ڪندڙ اڳواڻن الزام لڳايو ته نواز ليگ جي سنڌ ۾ وڌندڙ مقبوليت کان ڊڄي ڪري اڳواڻن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا پيا وڃن. جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هنن چيو ته نگران حڪومت پي پي جي آهي ان ۾ ماڻهن کي انصاف ملڻ مشڪل آهي. هنن چيو ته مسلم ليگ نواز سنڌ ۾ مقبول پارٽي ٿي اڀري رهي آهي. هنن اعلي اختارين ۽ سپريم ڪورٽ کي اپيل ڪئي آهي ته فوري طور تي مسلم ليگ ن جي مرڪزي اڳواڻ امير بخش ڀٽو مٿان داخل ڪوڙا ڪيس واپس ڪرايا وڃن. ٻي صورت ۾ سخت احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button