اليڪشن 2013شهدادڪوٽ

مخالف ڌمڪائڻ بند ڪري چونڊن ۾ هارائي ڏيکارين

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، شهدادڪوٽ
Shahdadkot Jarwarپي ايس 40 شهدادڪوٽ جي اميدوار ۽ اڳوڻي تعلقي ناظم حاجي سردار علي جروار چيو آهي ته هن کي هٿ کڻائڻ لا مخالف ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن ھن چيوته ڌمڪين کان هُو ڊڄڻ واروناهي ۽ غريب عوام جي مفادن خاطر چونڊن ۾ حصو وٺي رهيو آهي پنهنجي شهدادڪوٽ واري رهائشگاه تي احتجاجن مٿي تي ڪاري پٽي ٻڌي پريس ڪانفرنس ڪندي سردار علي جروار چيو ته هاڻ هُو ڌمڪين کان ڊڄڻ وارو ناهي سندس چوڻ هو ته پوليس ۽ مخالفن جي ڌمڪين بابت هُو اليڪشن ڪميشن کي خط لکي نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندو،هن چيو ته مخالف سندس مقبوليت ڏسي وائڙا ٿي ويا آهن ۽ اهڙين ڪريل حرڪتن تي لهي آيا آهن،سردار جروار چيو ته هُو خاموش انقلاب ذريعي مخالفن کي چونڊن ۾ عبرتناڪ شڪست ڏيندو ،هڪ سوا ل جي جواب ۾ هن چيو ته هُو پيپلز پارٽيءَ کي الوداع چئي چڪو آهي۽ پارٽيءَ ۾ قدر نه هئڻ سبب پيپلز پارٽيءَ کي آزاد اميد وار طور اليڪشن وڙهي رهيو آهي، هن چيو ته فريال ٽالپر هجي يا ڪير به هُو هٿ نه کڻندو هن چيو ته 11 مئي تي يتو پئجي ويندو ته ڪنهن ۾ ڪيتري طاقت آهي،هن چيو ته مخالف ڌمڪائڻ بند ڪري چونڊن ۾ کيس هارائي ڏيکارين.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button