اليڪشن 2013سکر

محمد ميان سومرو، اعجاز خان جکراڻي، رافع اڪبر راشدي، سيف الله ڌاريجو کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، سکر

محمد ميان سومرو، اعجاز خان جکراڻي، رافع اڪبر راشدي، سيف الله ڌاريجو کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت
محمد ميان سومرو، اعجاز خان جکراڻي، رافع اڪبر راشدي، سيف الله ڌاريجو کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت
اڳوڻو سينيٽ چيئرمين محمد ميان سومرو، اعجاز خان جکراڻي، رافع اڪبر راشدي، سيف الله ڌاريجو کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت، سندن خلاف داخل اعتراض واريون درخواستون رد، تفصيل موجب الڪيشن ٽربيونل ۾ مختلف اميدوارن خلاف داخل اعتراضن جي ٻڌڻي واري آخري ڏينهن تي اڳوڻي سينيٽ جي چيئرمين محمد ميان سومرو ۽ اڳوڻي وفاقي وزير اعجاز جکراڻي پيش ٿي وڪيلن معرفت پنهنجن اعتراضن تي جواب ڏنا محمد ميان سومرو ، اعجاز جکراڻي مٿان اعتراض داخل ڪندي عدالت کي ٻڌايو ته سندس ڊگري جعلي آهي هن وقت تائين هن هيڪ معرفت ان جي تصديق ناهي ڪرائي جڏهن ته پٽن ، زال ۽ ٻين جي نالي تي ڪرايل ٻي پراپرٽي به ظاهر ناهي ڪئي ۽ ٽيڪس به ادا ناهي ڪندو ساڳي وقت اعجاز جکراڻي جي محمد ميان سومرو مٿان اعتراضن ۾ ٻڌايو ته هن پنهنجي نامينيشن ۾ صحيح ملڪيت ظاهر ناهي ڪئي ۽ سندس گهرواري جي نالي تي پرڏيهه ۾ موجود ملڪيت جو به حوالو ناهي ڏنو ۽ رٽرننگ آفيسر وٽ نامينيشن فارم جمع ڪرائڻ وقت سندس پاسپورٽ جا ڪجهه پيپر گهٽ هئا جنهن مان سندس ٻٽي شهريت هجڻ جو شڪ آهي ٻنهي اڳواڻن اليڪشن ٽربيونل ۾ هڪ ٻئي خلاف ثبوت پيش نه ڪيس اليڪشن ٽربيونل سندن اعتراض رد ڪندي ٻنهي جا فارم بحال ڪري ڇڏيا محمد ميان سومرو صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اليڪشن ٽربيونل ٻنهي اڳوڻن جا فارم بحال ڪري عوام جي عدالت ۾ وڃڻ جو موقعو ڏنو آهي هينئر چونڊن جو دور آهي ڪير صحيح آهي ڪير غلط ان جو فيصلو 11 مئي تي تڪ جو عوام پاڻ ئي ڪندو اعجاز جکراڻي چيو ته ماضي ۾ انقلابي قدم کنيا مها ٻوڏ دوران متاثر ٿيل ماڻهن جي بحالي واري ڪم کان وٺي غريب عورتن کي مالي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام وسيلي جيڪو ڪجهه ڏنو اهو عوام جي آڏو آهي ايندڙ چونڊن ۾ سوڀارو ٿي پيپلزپارٽي هڪ ڀيرو ٻيهر حڪومت قائم ڪندي هوڏانهن ڄام سيف الله ڌاريجو سيپڪو جا 26 لک روپيا رهتو ادا ڪرڻ ۽ هيڪ طرفان سندس ڊگري جي تصديق وارو ليٽر جمع ڪرائڻ کانپوءِ سندس فارم بحال ڪيو ويو رٽرننگ آفيسر پاران تڪ ۾ ووٽ داخل نه هجڻ ڪري فارم رد ڪرڻ خلاف اليڪشن ٽربيونل ۾ داخل اپيل جي ٻڌڻي ڪندي پي ايس 38 جي اميدوار رافع اڪبر راشدي جو نامينيشن فارم بحال ڪيو ويو پي ايس 3 جي اميدوار ڄام اڪرام الله ڌاريجو سيپڪو جا رهتو جمع ڪرائڻ بعد فارم بحال ڪرايو عارف مصطفى جتوئي فيروز جمالي خلاف اعتراض داخل ڪندي رٽرننگ آفيس کي ٻڌايو ته هن گذريل ٽن سالن کان رٽرن ٽيڪس جمع ناهي ڪرايو ۽ پنهنجا اثاثا به صحيح ظاهر ناهن ڪيا عدالت فيروز جمالي جو فارم بحال ڪري ڇڏيو عارف مصطفى جتوئي جو چوڻ آهي ته اليڪشن ٽربيونل فيروز جمالي کي 15 ڏينهن تائين وضاحت لاءِ ٽائيم ڏنو آهي

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button