سکر

قائم علي شاھ تي اعتراض داخل ڪرائنيدڙ وڪيل تي پ پ جا جيالا وڪيل ڪڙڪي پيا

عمر سومرو، انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، سکر

قائم علي شاھ تي اعتراض داخل ڪرائنيدڙ وڪيل منظور انصاري تي پ پ جا جيالا وڪيل ڪڙڪي پيا
قائم علي شاھ تي اعتراض داخل ڪرائنيدڙ وڪيل منظور انصاري تي پ پ جا جيالا وڪيل ڪڙڪي پيا
سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه تي اعتراض داخل ڪرائڻ واري خيرپور ڊسٽرڪٽ بار جي صدر منظور انصاري تي پ پ جا جيالا وڪيل ڪڙڪي پيا، لتن ۽ مڪن جو استعمال، هائي ڪورٽ ۾ موجود پوليس تماشو ڏسندي رهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٿيڻ واري وڪيلن جي اها لڙائي ڪنهن فلم جي شوٽنگ نه پر اسان جي معاشري ۾ انصاف فراهم ڪرائڻ ۾ مدد ڏيڻ وارا وڪيل آهن، جيڪي پنهنجي هڪ وڪيل کي يرغمال بڻائي رهيا آهن، ان واقعي جو سبب خيرپور ڊسٽرڪٽ بار جي صدر منظور انصاري پاران اڳوڻي سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاهه جا نامزدگي ڪاغذن تي اعتراض داخل ڪرائڻ آهي، جنهن جي ٻڌڻي اربع جي ڏينهن اپيلٽ ٽريبونل سکر بينچ ۾ ٿي، ٻڌڻي کان پوءِ ان کي تشدد جو نشانو بڻائڻ شروع ڪري ڏنو، ان تي لتن، مکن جي بارش ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ منظور حسن شديد زخمي ٿي پيو، جڏهن ته اتي موجود پوليس تماشو ڏسندي رهي واقعي جي خلاف منظور انصاري جو چوڻ هيو ته قائم علي شاهه جي حمايتي وڪيلن مون تي حملو ڪيو آهي، هاڻي صاف ظاهر ٿيو آهي ته قائم علي شاهه تي ڪيل اعتراض درست آهن ۽ هو آرٽيڪل 62 ۽ 63 تي پورو نه لٿو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button