مختصر خبرون

فضل علي شاهه جيلاني ۽ سندس ڀاءُ پير سيد ظهور احمد شاهه جيلاني جي وچ ۾ اختلاف

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
پي اي 33 تي پي پي اميدوار پير آف راڻيپور پير سيد فضل علي شاهه جيلاني ۽ سندس ڀاءُ پير سيد ظهور احمد شاهه جيلاني جي وچ ۾ اختلافات ٿيڻ ڪري پير ظهور احمد شاهه جيلاني پنهنجي ڀاءُ پي ايس 33 جي اميدوار پير فضل علي شاهه جيلاني جي مخالفت ڪندي فنڪشنل ليگ اميدوار پير سيد معشوق علي شاهه جيلاني جي نه رڳو حمايت ڪئي آهي پر ان جي ورڪ شروع ڪري ڏني آهي پي پي اڳواڻ پير سيد ظهور احمد شاهه جيلاني فنڪشنل ليگ اميدوار جي چونڊ مهم جي سلسلي ۾ يوسي گڏيجي جي مختلف ڳوٺن ۾ پنهنجي مريدن ۽ ووٽرن جي گڏجاڻين کي خطاب ڪندي چيو ته 11 مئي تي پي ايس 33 تي عوام گل جي نشان تي ٺپو هڻي پير معشوق علي شاهه جيلاني کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو وڃي. ڇو ته منهنجي ڀاءُ پير فضل علي شاهه جيلاني عوام جي ڪابه خدمت ناهي ڪئي رڳو پنهنجن خاص ماڻهن کي نوازيو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button