مختصر خبرون

عوام شهيد راڻي جي ڏنل قرباني کي ڏسي تير جي نشان تي ٺپو هڻي، جاويد شاهه جيلاني

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
اين اي 217 جي پ پ اميدوار سيد جاويد شاهه جيلاني چيو آهي ته 11 مئي تي تڪ جو عوام شهيد راڻي جي ڏنل قرباني کي ڏسي تير جي نشان تي ٺپو هڻي ڪامياب ڪندو. تعلقي صوڀوديرو جي مختلف ڳوٺن ۾ ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي سيد جاويد شاهه جيلاني چيو ته جلد ٻين پارٽين جا اهم اڳواڻ پي پي ۾ شامل ٿيندا. اسان جي ڪاميابي غريب عوام جي ڪاميابي آهي عوام اڄ به پي پي سان محبت ڪري ٿو. 11 مئي تي ٽانگا پارٽين جي 10 جماعتي ٽانگا پارٽين جي اتحاد کي خبر پئجي ويندي ته سنڌ جو عوام ڪنهن سان گڏ آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button