اليڪشن 2013ھنڱورجا

عوام سجاڳ ٿي چڪو آهي پيرن ميرن ۽ وڏيرن کي هر گز ووٽ نه ڪندو،غازي امان الله منڱڻيجو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا

عوام سجاڳ ٿي چڪو آهي پيرن ميرن ۽ وڏيرن کي هر گز ووٽ نه ڪندو،غازي امان الله منڱڻيجو
عوام سجاڳ ٿي چڪو آهي پيرن ميرن ۽ وڏيرن کي هر گز ووٽ نه ڪندو،غازي امان الله منڱڻيجو
هنڱورجا ۾ سهتا منڱڻيجا ناريجا اتحاد پاران اليڪشن ۾ حصو وٺندڙن آزاد اميدوارن جي چونڊ مهم جي سلسلي ۾ ٽيليفون ايڪسچينج ڀرسان عوامي جلسو منعقد ڪيو ويو جنهن کي منڱڻيجا برادري جي سردار غازي امان الله منڱڻيجو ، عزيزالله خان ناريجو، يار محمد خان منڱڻيجو، ايڊوڪيٽ علي داد ناريجو، وڏيرو انور الدين سهتو خطاب ڪندي چيو ته پهريون ڀيرو غريب عوام سياسي پارٽين جي اميدوارن کان بيزار ٿي متحد ٿيو آهي11 مئي تي خيرپور ضلعي جي اين اي 217، پي ايس 34، پي ايس 33، پي ايس 30 تي سهتا منڱڻيجا اتحاد جا اميدوار وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪري وڏن وڏن سياسي بتن کي ڊاهي وجهندا. هنن چيو ته ضلعي جي غريب عوام 60 سالن کان مختلف پارٽين جي اميدوار کي ڪامياب بڻايو پر انهن رڳو پنهنجا پيٽ ڀريا آهن. هن ڀيري عوام سجاڳ ٿي چڪو آهي پيرن ميرن ۽ وڏيرن کي هر گز ووٽ نه ڪندو اسان جا آزاد اميدوار چونڊ کٽي ضلعي خيرپور جي غريب عوام جي قسمت کي تبديل ڪري ڇڏيندا. هنن چيو ته آزمايلن کي ٻيهر آزمائڻ جي عوام غلطي نه ڪندو. اسان ڪوڙا ڏٽا واعدا ڪرڻ وارن ۾ ناهيون. هن ڀيري ڪوڙا ڏٽا ڏيڻ وارن ۽ سچن ماڻهن جي وچ ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي اسان جي ڪاميابي يقيني آهي جلسي کي عطاء الله ناريجو، محبت سهتو، غلام جعفر منڱڻيجو ۽ ٻين خطاب ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو

ھڪ تبصرو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button