زراعت

صوبي اندر ڪڻڪ جي پيدوار تمام گهڻي بهتر ٿي آهي، صوبائي وزير خوراڪ

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، خيرپور

صوبي اندر ڪڻڪ جي پيدوار تمام گهڻي بهتر ٿي آهي، صوبائي وزير خوراڪ
صوبي اندر ڪڻڪ جي پيدوار تمام گهڻي بهتر ٿي آهي، صوبائي وزير خوراڪ
نگران صوبائي وزير خوراڪ اقبال دائود پاڪ والا چيو آهي ته ڪڻڪ جي خريداري جي مقرر هدف جي خريداري لاءِ صوبي جي مختلف ريجنن ۾ هدف موجب باردانو فراهم ڪيو ويو آهي جڏهن ته بارداني جي شفاف ورهاست ڪرڻ جي لاءِ لاڳاپيل ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولرس (ڊي ايف سيز) کي سختي سان هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. هن اهڙو اظهار درٻار هال خيرپور ۾ خوراڪ کاتي روينيو جي عملدارن سان هڪ گڏجاڻي دوران ڪيو. صوبائي وزير چيو ته صوبي اندر ڪڻڪ جي پيدوار تمام گهڻي بهتر ٿي آهي ۽ سرڪار پاران مقرر اگهه 12 سئو روپيا جي حساب سان خريد ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته صوبي مان بارداني جي پنجاب ڏانهن منتقلي جون شڪايتون پڻ مليون آهن ۽ ان سلسلي ۾ ملوث عملدارن کي خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي. صوبائي وزير گڏجاڻي دوران موجود ميڊيا جا ٿورا مڃيندي چيو ته ميڊيا ذريعي وقت بوقت آبادگارن توڙي بارداني جي ورهاست جي سلسلي ۾ شڪايتن جي نشاندهي ڪئي پئي وڃي ۽ ان سلسلي ۾ ان شڪايتن جي ازالي لاءِ بروقت اثرائتا قدم کنيا پيا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته صوبي اندر مختلف ضلعي ۾ خوراڪ کاتي جي عملدارن سان گڏجاڻين دوران فوڊ کاتي جي مختلف سينٽرن تي اوچتو دورا ڪيا ويندا ۽ بارداني جي غير قانوني ورهاست ۾ ملوث عملدارن کي خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي. ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر (ڊي ايف سي) خيرپور بشير احمد شيخ صوبائي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻُڌايو ته ضلعي اندر ڪڻڪ جي خريداري جو هدف 16 هزار 500 مئٽرڪ ٽن آهي ۽ هدف موجب باردانو پڻ موجود آهي جڏهن ته ضلعي اندر تقريبن 48 سينٽرن تان روينيو عملدارن اسسٽنٽ ڪمشنرس ۽ مختيارڪارن جي منظوري سان آبادگارن ۾ 25 سيڪڙو بارداني جي ورهاست ٿي وئي آهي ۽ وڌيڪ لاءِ فوڊ انسپيڪٽرس کي آبادگارن ۾ بارداني جي ورهاست کي کين هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. جڏهن ته گڏجاڻي دوران ضلعي جي مختلف تعلقن جي لاڳاپيل اسسٽنٽ ڪمشنرس ۽ مختيارڪارن صوبائي وزير کي پنهنجي لاڳاپيل تعلقن اندر فوڊ سينٽرن ، ڪڻڪ جي خريداري ۽ بارداني جي ورهاست جي حوالي سان بريفنگ ڏني. گڏجاڻي ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر خيرپور طارق علي نظاماڻي، خوراڪ ۽ روينيو کاتي جي عملدارن شرڪت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button