مختصر خبرون

صحت کاتي سکر ۽ روهڙي جي ڪچي ملازمن پاران پگهار نه ملڻ جي خلاف فقير عبدالله جي قيادت ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، سکر
صحت کاتي سکر ۽ روهڙي جي ڪچي ملازمن پاران سکر پريس ڪلب جي آڏو ريگولر ڪرڻ ۽ ستن مهينن جي پگهار نه ملڻ جي خلاف فقير عبدالله جي قيادت ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي مظاهروڪندڙن جو چوڻ هو ته اسان ملازم گذريل سالن کان ڪانٽريڪٽ تي صحت کاتي ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهيون پر اڃان تائين اسان کي ريگولر نه ڪيو ويو آهي هن ٻڌايو ته گذريل ستن مهينن کان اسان کي پگهارن کان محروم رکيو ويو آهي جنهن جي ڪري اسان شديد ڊپريشن جو شڪار آهيون ساتن مهينن کان پگهارون نه ملڻ جي ڪري اسان گهر ۾ فاقن جي نعبت پهنچي چڪي آهي هنن اعليٰ اختيارين سميت صحت کاتي جي آفيسرن کان مطالبو ڪيو آهي ته اسان کي ريگولر ڪيو وڃي ۽ اسان جي پگهارون فوري ادا ڪيون وڃن ٻئي صورت ۾ ڪم ڇڏ هڙتال ڪئي ويندي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button