اليڪشن 2013ڌھرڪي

صحافي ۽ سماجي اڳواڻ رميش ڪمار بي ايم جو پي ايس 7 تي فارم منظور

انڊس نيوز، ڏهرڪي

صحافي ۽ سماجي اڳواڻ رميش ڪمار بي ايم جو پي ايس 7 تي فارم منظور
صحافي ۽ سماجي اڳواڻ رميش ڪمار بي ايم جو پي ايس 7 تي فارم منظور
ڏهرڪي جي نوجوان صحافي ۽ سماجي اڳواڻ رميش ڪمار بي ايم صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي ايس ست تي فارم ڀرائي ڇڏيو جنهن جي ڇنڊ ڇاڻ کان پوءِ رٽرننگ آفيسر اوٻاوڙو سندس نامزدگي فارم منظور ڪري ڇڏيو آهي رميش ڪمار جو نامزدگي فارم منظور ٿيڻ جي خوشي ۾ هندو برداري سميت مختلف برادرين جي ماڻهن طرفان خوشي منجهان ريلي ڪڍي وئي جڏهن ته نامزدگي فارم منظور ٿيڻ بعد رميش ڪمار پنهنجي اليڪشن مهم تيز ڪري ڇڏي آهي ان سلسلي ۾ رميش ڪمار بي ايم گذريل ڏينهن ميرپور ماٿيلو ۽ ڏهرڪي جي هندو برادري جي ڪٺن ۾ شرڪت ڪئي جنهن ۾ هن خطاب ڪندي چيو ته عوام ورهين کان ساڳين چهرن کي ووٽ ڪري کين ايوانن تائين پهچايو پر چونڊيل نمائندن ايوانن ۾ پهچي عوامي مفادن جوئي سودو ڪري ڇڏيو ان ڪري هو هاڻي پنهنجي تڪن ۾ منهن کڻي اچڻ جهڙا ناهن رهيا. جڏهن ته هو پنهنجي پارٽين پاليسي کي پاسيرو رکي پنهنجي سيٽ پڪي ڪرڻ لاءِ جوڙ توڙ ۾ پورا آهن. هن چيو ته جيڪي ليڊر نه عوام سان سچا آهن نه وري پنهنجي پارٽي سان اهي اسان تڪ واسين جا مسئلا حل ڪرڻ بجاءِ وڌائيندا تنهڪري عوام کي گهرجي ته هو پنهنجو نمائندو پنهنجي ئي طبقي مان چونڊ ڪن ٻي صورت ۾ عوام جا حق ائين ئي غصب ٿيندا رهندا ۽ سنڌ پستيءَ ڏانهن هلي ويندي. هن چيو ته هاڻي اهڙن مفاد پرست سياستدانن جي احتساب جو وقت اچي ويو آهي. ان موقعي تي ميرپورماٿيلو ۽ ڏهرڪي تعلقي جي مکين سميت هندو برادري ٻين مختلف برادرين جي چڱن مڙسن رميش ڪمار بي ايم جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪندي ووٽ ڏيڻ جي خاطري پڻ ڪرائي ڇڏي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button