پرڏيھي خبرون

شام "خوني مھيني” ۾ ڇھ ھزار ماڻھو مارجي ويا

انڊس نيوز، مانيٽرنگ ڊيسڪ
Mideast Syria (549x285)مارچ 2013 ۾ شام ۾ ٻن سالن کان ھلندڙ بغاوت ۾ سڀ کان وڌيڪ خوني مھينو ثابت ٿيو آھي جنھن ۾ ڇھ ھزار کان مٿي ماڻھو مارجي ويا آھن. برطانيه ۾ قائم ھڪ تنظيم جي جمع ڪيل معلومات مطابق مارچ 2013 ۾ شام ۾ چوڏنھن سو کان وڌيڪ باغين سميت ڇھ ھزار ماڻھو مارجي ويا آھن. شامي حڪومت جي مخالف’ سيرين آبزورويٽر فار ھيومن رائٽس” نالي تنظيم جي مطابق مارچ 2013 ۾ مارجي ويل 6005 ماڻھن مان 1485 باغي، 1464 حڪومت جا حامي فوجي، 291 عورتون ۽ 289 ٻار شامل آھن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button