اليڪشن 2013سکر

سکر ۾ پ پ اندر عملي طور ڏڦيڙ پئجي ويو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، سکر

سکر ۾ پ پ اندر عملي طور ڏڦيڙ پئجي ويو
سکر ۾ پ پ اندر عملي طور ڏڦيڙ پئجي ويو
سکر ۾ پ پ اندر عملي طور ڏڦيڙ پئجي ويو شهري عوامي اتحاد طرفان جلسي ۾سکر جي تباهي جو ذميوارسيد خورشيد شاهه کانسواءِ پ پ جي سينيٽر اسلام الدين شيخ،سندس ايم اين اي پٽ نعمان اسلام شيخ،ايم پي اي ڊاڪٽر نصرالله بلوچ ۽ حاجي انور خان مهر کي قرار ڏيندي کين ووٽ نه ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي سومر جي شام دير سان پراڻي سکر جي پيرزاده گرائونڊ ۾ سکر جي سينيئر صحافي لالا اسد پٺاڻ طرفان جوڙيل شهري عوامي اتحاد طرفان منعقد ڪيل پهرين جلسي ۾اڳوڻي يوسي ناظم ۽ اين اي 198 جي اميدوار يوسف جاگيراڻي، لالا اسد پٺاڻ ،جسقم اڳواڻ غلام مصطفي ڦلپوٽو ۽ ٻين پنهنجي تقريرن ۾ چيو ته گذريل پنجن سالن دوران پ پ جي ٽڪيٽ تي چونڊيل نمائندن ترقي جي نالي تي سکر کي تباهه ڪيو ويو آهي جنهن جو آئينو ڪجهه عرصو اڳ شهر ۾ پيل برسات دوران ظاهر ٿيو هو شهري اڄ به سنڌو ڪناري تي آباد هجڻ باوجود ،پيئڻ جي صاف پاڻي، صفائي صحت ،تعليم،تفريح پارڪن کان محروم آهن ان جو مک ذميوار اسلام الدين شيخ،نعمان اسلام،حاجي انور مهر ،ڊاڪٽر نصرالله بلوچ آهن جن ڪي به اهڙا ترقياتي ڪم يا عوامي مسئلا حل ناهن ڪرايا جن جي آڌار تي هو ٻيهر ووٽ جي گهر ڪري رهياآهن ،وقت اچي ويو آهي ته سکر جا باشعور رهواسي آزمايلن کي نه آزمائين .

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button