مختصر خبرون

سکر ۾ نامياري اديب ڊاڪٽر خادم منگي جي گهر ۾ ڌاڙو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، سکر
سکر ۾ نامياري اديب ڊاڪٽر خادم منگي جي گهر ۾ ڌاڙو،هٿياربند گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي گهر مان لکين روپين جا سونا زيور کڻي فرار ٿي ويا خبر موجب ڪالهه سکر جي آباد ٿاڻي جي حد بهار ڪالوني ۾ 4 نامعلوم هٿياربندن نامياري شاعر ۽ اديب ڊاڪٽر خادم منگي جي گهر ۾ گهڙي گهر ڀاتين کي يرغمال بنائڻ بعد گهر مان 4 لک 15 هزار روپين جي ماليت جا سونا زيور ۽ هزارين روپيا روڪ رقم کڻي آساني سان فرار ٿي ويا حد جي پوليس ڦورن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي سکر جي اديب۽ شاعر برادري پاران واقعي جي مذمت ڪندي اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺي ڦريل سونا زيور ۽ روڪ رقم واپس ڪرائڻ جي گهر ڪئي وئي آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button