تعليم ۽ نئين ٽھي

سکر ۾ نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا ساليانه امتحانن جي دوران ڪاپي جي ڌم

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، بيورو رپورٽ، سکر

فائل ڦوٽو
فائل ڦوٽو
سکر ۾ نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا ساليانه امتحانن جي دوران سرعام ڪاپي جاري آهي، مختلف امتحاني مرڪزن ۾ بورڊ پاران نقل جي روڪ ٿام جي لاءِ ڪييل انتظام اڌورا جو اڌورا رهجي ويا، ۽ امتحاني مرڪزن ۾ کلي عام نقل جاري رهي، مقرر عملو ان کي روڪڻ بجاءِ صرف ڏسندو رهيو، امتحاني مرڪزن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جي ڪري شاگرد ۽ شاگردياڻيون سخت پريشاني ۾ مبتلا رهيا،سيڪيورٽي جا به معمولي انتظام ڪيا وياهئا، جڏهن ته امتحاني مرڪزن جي ٻاهران شاگردن ۽ شاگردياڻين جي مائٽن، دوستن، جو هجوم رهيو ۽ انهن کي نقل ڪرائڻ ۾ مدد فراهم ڪندا رهيا، واضع رهي ته سکر ۾ ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليمي بورڊ جي زير انتظام سکر، خيرپور، نوشهرو فيروز ۽ گهوٽڪي جي 192 امتحاني مرڪزن ۾ نائين ۽ ڏهين ڪلاسن جا ساليانه امتحان شروع ٿي ويا آهن 19 اپريل تائين جاري رهندا، امتحانن ۾ھڪ لک کان وڌيڪ اميدوار حصو وٺي رهيا آهن.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button