اليڪشن 2013سکر

سکر ۾ متحده ديني محاذ طرفان اميدوار کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ گڏجاڻين جو سلسلو تيز

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، سکر
چونڊن جي ويجهو ايندي سرگرميون تيز ٿيڻ وارو سلسلو جاري آهي سکر ۾ متحده ديني محاذ طرفان سکر جي پي ايس 2 جي اميدوار کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ شهر جي مختلف علائقن جي ماڻهن سان گڏجاڻين جو سلسلو تيز ڪندي گهر گهر ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ منصوبا بندي ڪئي وئي ان ڏس ۾ پي ايس 2 جي اميدوار سيد رشيد احمد شاهه ، سڪندر علي، عبدالخالق حيدري ۽ ٻين سکر جي بچل شاهه مياڻي ۾ اليڪشن آفيس جو افتتاح ڪيو ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته چونڊ کٽڻ کانپوءِ سکر جي شهرين جي چاليهه سال پراڻي پاڻي واري مطالبي تحت کين پيئڻ لاءِ ميگا پراجيڪٽ تحت پاڻي جي فراهمي شروع ڪرائي ويندي جيئن سنڌو درياءَ جي ڪناري تي آباد هتان جا رهواسي پيئڻ جي پاڻي واري محرومي کان بچي سگهن هنن چيو ته اسان جي سرگرمين سان مخالفن جو ننڊون حرام ٿي ويون آهن عوام تبديلي واري عمل ۾ اڳتي اچي ۽ آزمايلن کي ٻيهر نه آزمائي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button