اليڪشن 2013سکر

سکر ڊويزن ۾ به اميدوار دهشتگردن جي هٽ لسٽ تي آهن ، ڊي آءِ سلطان خواجه

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، سکر

سکر ڊويزن ۾ به اميدوار دهشتگردن جي هٽ لسٽ تي آهن ، ڊي آءِ سلطان خواجه
سکر ڊويزن ۾ به اميدوار دهشتگردن جي هٽ لسٽ تي آهن ، ڊي آءِ سلطان خواجه
سکر جي ڊي آءِ جي سلطان خواجه چيو آهي ته انٽيليجنس ادارن جي رپورٽس مطابق سکر ڊويزن ۾ به اميدوار دهشتگردن جي هٽ لسٽ تي آهن جڏهن انهن کي مڪمل سيڪيورٽي ڏيڻ ۽ اهڙي ڪنهن به واقع کان اڳ منهن ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون ۽ ان جي لاءِ هر ضلعي ۾ رينجرز ۽ آرمي جي لاءِ درخواست ڪري رکي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سکر ۾ اليڪشن جي حوالي سان منعقد اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو هن وڌيڪ چيو ته سکر ڊويزن ۾ اليڪشن جي ڏينهن پولنگ اسٽيشنن ۽ پيٽرولنگ تي پوليس، رينجرز، آرمي سميت ٻين ادارن جي 26 هزار اهلڪار مقرر ڪيا ويندا هن جو چوڻ هو ته عملي جي کوٽ جي ڪري ٻين ادارن جي مدد وٺي رهيا آهيون اگر انهن جي ضرورت پئي ته خدمتون وٺنداسون. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته اهڙن علائقن ۾ جتي قبائلي جهڙا هلي رهيا آهن انهن علائقن جي ايس ايس پيز کي اها ٽاسڪ ڏني وئي آهي ته اتان جي اميدوارن کي پهريون ئي لائن اپ ڪيو وڃي ۽ اتان جي اليڪشن ڪميشن جي قانون تي عمل ڪرائينداسين. اميد آهي ته رينجرز آرمي جي اچڻ سان اهڙو ڪوئي به واقعو پيش نه ايندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button