مختصر خبرون

سکر: چونڊن ۾ قيدي ووٽ جو حق استعمال ڪري سگهندا

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، سکر
11 مئي تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ عام ماڻهن سان گڏ سنڌ جي مختلف جيلن ۾ قيد ڪاٽيندڙ 14 هزار 31 مرد ۽ 146 عورتون جيلن مان پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري سگهندا ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ مطابق آءِ جي جيلز سنڌ نصرت منڱڻ سنڌ جي مختلف جيلن جي سپريڊنٽنٽ کي هدايت ڪئي آهي ته هو قيدين جون جلد لسٽون اماڻين جيئن انهن کي ووٽ ڏيڻ ۾ ڪا پريشاني نه ٿي سگهي اليڪشن ڪميشن پاران طريقيڪار واضع ڪيو ويوآهي جنهن ۾ قيدي پنهنجو تڪ ۽ ووٽ نمبر لکت ۾ اليڪشن ڪميشن ڏانهن اماڻيندا جنهن جي تصديق کانپوءِ کين پوسٽ ذريعي بيلٽ پيپر فراهم ڪيو ويندو ۽ جيل انتظاميه ووٽ رٽرننگ آفيسر حوالي ڪندا .

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button