اليڪشن 2013مختصر خبرون

سکر: ناصر شاھ مٿان قرض معاف ڪرائڻ جو الزام

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، بيورو رپورٽ، سکر
روهڙي جي رهواسي حاجي محمد قاسم ٻرڙو سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ۾ قائم اليڪشن ٽربيونل ۾ درخواست داخل ڪندي موقف اختيار ڪيو ته اڳوڻي ضلع ناظم سيد ناصر حسين شاهه شاهه ڪاٽن فيڪٽري جي نالي تي 3 ڪروڙ روپيا قرض حاصل ڪرڻ کانپوءِ غيرقانوني طور معاف ڪرايا آهن جڏهن ته مون کان خريد ڪيل اورنگزيب فلورمل جا 60 لک روپيا رهتو پڻ ادا ناهن ڪيا ويا هن رٽرننگ آفيسر آڏو پيش ٿي نامينيشن فارم ۾ غلط بياني کان ڪم وٺندي ڪوڙو حلڦ نامو جمع ڪرايو آهي ۽ هو آرٽيڪل63۽62 جي تحت چونڊن ۾ وڙهڻ جو اهل ناهي سندس نامينشن فارم رد ڪيو وڃي جنهن تي عدالت نيب جي چيئرمين، اينٽيڪرپشن کاتي جي سرڪل آفيسر، لاڳاپيل بينڪ جي مينيجر سميت ڌر ڄاڻايل پي ايس 2 روهڙي جي اميدوار سيد ناصر حسين شاهه کي 12 اپريل تي طلب ڪرڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button