سکر

سکر: رٽائرڊ ايس ايڇ او خلاف خلاف مظاھرو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، سکر

سکر: رٽائرڊ ايس ايڇ او خلاف خلاف مظاھرو
سکر: رٽائرڊ ايس ايڇ او خلاف خلاف مظاھرو
لوڪل بورڊ جي رهواسين سميجا عورتن ارشاد بيگم، مائي خيران، محمد يوسف ۽ ٻين رٽائرڊ ايس ايڇ او خير محمد سميجو جي ڏاڍائين خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي هنن ميڊيا کي ٻڌايو ته خير محمد سميجو پراپرٽي تڪرار تان ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائي اسان جا ماڻهو گرفتار ڪرايا آهن، ۽ انهن مٿان تشدد ڪرائي رهيو آهي، جڏهن ته پراپرٽي جو ڪيس عدالت اسان جي حق ۾ ڏنو آھي جنهن تان رٽائرڊ ايس ايڇ او خير محمد سميجو مڇرجي اسان خلاف ڪاروائيون تيز ڪري ڇڏيون آهن، آخر ۾ متاثرن سنڌ جي نگران حڪومت ۽ پوليس اختارين کان مطالبو ڪندي چيو ته رٽائرڊ ايس ايڇ او خير محمد سميجي جي ظلمن کان نجات ڏياري وڃي ۽ ان خلاف سخت ڪاروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button