خيرپور

سڀني تي اها ذميواري آهي ته عوام جي بهتري لاءِ ڪم ڪن، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، خيرپور

سڀني تي اها ذميواري آهي ته عوام جي بهتري لاءِ ڪم ڪن، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور
سڀني تي اها ذميواري آهي ته عوام جي بهتري لاءِ ڪم ڪن، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور
ڊپٽي ڪمشنر خيرپور منور علي مٺياڻي ڊي سي آفيس درٻار هال ۾ خوراڪ ۽ روينيو کاتي جي عملدارن سان هڪ تعارفي گڏجاڻي ڪئي جنهن ۾ ڊي سي خيرپور ڪڻڪ جي خريداري ۽ بارداني جي ورهاست، پوليو، ايندڙ اليڪشن جي انتظامن، حدد دخلين، زرعي ٽئڪس، ڍل جي اُڳاڙي، ٽي ايم ايز جي ڪارڪردگي جي حوالي سان جائزو ورتو. ان موقعي ڊي سي خيرپور چيو ته اسان سڀني تي اها ذميواري آهي ته عوام جي بهتري لاءِ ڪم ڪيون جڏهن ته هر هڪ لاڳاپيل کاتي جو ڪم آهي ته اهي عوام کي وڌ ۾ وڌ سهولتون مهيا ڪن. ان موقعي تي ڊي سي خيرپور ڊي ايف سي خيرپور بشير احمد شيخ کان ڪڻڪ جي خريداري ۽ بارداني جي ورهاست جي حوالي سان بريفنگ ورتي جڏهن ته ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر خيرپور ون طارق علي نظاماڻي ۽ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو ڪئپٽن انوارالحق کان ضلعي جي زرعي ٽئڪس ، ڍل جي اُڳاڙي، ايندڙ عام چونڊن جي انتظامن، حددخلين ۽ پوليو بابت بريفنگ ورتي. ان موقعي تي ڊي سي خيرپور ڊي ايف سي خيرپور کي آبادگارن ۾ بارداني جي شفاف ورهاست کي يقيني بڻائڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون. گڏجاڻي ۾ ضلعي جي مختلف تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرس، تعلقي مختيارڪارن، فوڊ انسپيڪٽرن ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو

3 تبصرا

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button