سيپڪو پاران قومپرست اڳوڻن تي ڪيس خلاگ مظاھرو

عبدالمجيد جهتيال، باڊهه

سيپڪو پاران قومپرست اڳوڻن تي ڪيس خلاگ مظاھرو
سيپڪو پاران قومپرست اڳوڻن تي ڪيس خلاگ مظاھرو
سيپڪو پاران ڊگهي لوڊشيڊنگ ڪرڻ ۽ باڊهه جي قومپرستن مٿان ڪيس داخل ڪرائڻ واري عمل خلاف باڊهه ۾ مختلف قومپرست تنظيمن پاران پي ايس 41 تي ايس ٽي پي جي اميدوار ڪامريڊ قادر بروهي، حسن ڪلهوڙو، اسحاق مشوري، منور نوناري ۽ رياض پنهور جي اڳواڻي ۾ شهر جي ٽائون هال کان احتجاجي جلوس ڪڍي حيدر چوڪ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرين پاران سيپڪو جي ڏاڍاين خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ڊگهي لوڊشيڊنگ ڪرڻ تي ايس ڊي او الطاف ڪهيري پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ لاءِ قومپرست اڳواڻن مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آهي، هنن چيو ته اسان هر وقت شهر جي مسئلن لاءِ آواز اٿاريو آهي ۽ اٿاريندا رهنداسين، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته شهر ۾ روزانو 16 کان 18 ڪلاڪ بجلي بند ڪري شهرين کي عذاب ۾ مبتلا ڪيو ويو آهي، بجلي نه هئڻ سبب هتان جو ڪاروبار سخت متاثر ٿي رهيو آهي پر سيپڪو جي ڪنهن به اعليٰ عملدار تحرڪ نه ورتو آهي، هنن چيو ته اسان جي جدوجهد جاري رهندي، ان موقعي تي پي ايس 41 تي آزاد اميدوار نور احمد بروهي پڻ احتجاج ۾ شرڪت ڪئي.

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو

لاڳاپيل مضمون

Back to top button
Close