سنڌيونيورسٽي

سنڌ يونيورسٽي مين ڪئمپس ۾ سيمسٽر امتحان هاڻي 16 مئي کان شروع ٿيندا

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ڄامشورو

سنڌ يونيورسٽي مين ڪئمپس ۾ سيمسٽر امتحان هاڻي 16 مئي کان شروع ٿيندا
سنڌ يونيورسٽي مين ڪئمپس ۾ سيمسٽر امتحان هاڻي 16 مئي کان شروع ٿيندا
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر نذير اي مغل جي صدارت هيٺ هڪ اعليِٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ علامه آءِ آءِ قاضي ڪئمپس ۾ سيمسٽر امتحانن کي ري شيڊيول ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، نئين شيڊيول موجب سنڌ يونيورسٽي مين ڪئمپس ۾ سيمسٽر امتحان هاڻي 16 مئي کان شروع ٿيندا. تفصيل موجب سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر نذير احمد مغل جي صدارت هيٺ هڪ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ رجسٽرار محمد نواز ناريجو، دادو ڪئمپس جي پرو وائيس چانسيلر ڊاڪٽر انور علي شاهه جي سيد، لاڙ ڪئمپس بدين جي ڪئمپس ڪوآرڊينيٽر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو، ميرپورخاص ڪئمپس جي پرو وائيس چانسيلر ڊاڪٽر امداد علي اسماعيلي، ٺٽي ڪئمپس جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر سرفراز حسين سولنگي ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ يونيورسٽي علامه آءِ آءِ قاضي ڪئمپس ڄامشورو ۽ اولڊ ڪئمپس حيدرآباد ۾ ايجوڪيشن فيڪلٽي جا سيمسٽر امتحان 16 مئي کان ورتا ويندا، جڏهن ته سمورن شعبن جا ڪلاسز معمول موجب جاري رهندا. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ يونيورسٽي جي ٻين ڪئمپسز لاڙ ڪئمپس بدين، شهيد بينظير ڀٽو ڪئمپس دادو، ميرپورخاص، ٺٽو، ڀٽ شاهه ۽ لاڙڪاڻي ڪئمپسز ۾ امتحان پنهنجي شيڊيول تحت ٿيندا ۽ 16 مئي جي تاريخ انهن ڪئمپسز تي لاڳو نه هوندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button