اليڪشن 2013ھنڱورجا

سنڌ سان غداري ڪندڙ پي پي اميدوارن کي شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻيندس، ڪاظم علي شاهه

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ھنڱورجا

ڪاظم علي شاهه
ڪاظم علي شاهه
اين اي 217 جي فنڪشنل اميدوار پير سيد ڪاظم علي شاهه دعوا ڪئي آهي ته 11 مئي تي سنڌ سان غداري ڪري سنڌ کي انتظامي طور ٻن حصن ۾ ورهائيندڙ پي پي اميدوارن کي شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻيندس. لڪياري هائوس ۾ پارٽي ڪارڪنن کي گڏجاڻي کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جو عوام هوشيار ۽ سجاڳ ٿي چڪو آهي ان ڪري سنڌ جي غدارن کي ڪنهن به صورت ۾ ووٽ نه ملندو ۽ 11 مئي انهن جي احتساب جو ڏينهن آهي. هن چيو ته سنڌ جو محافظ پير پاڳارو آهي جنهن سنڌ خلاف ٿيندڙ سڀني سازشن جو مقابلو اڳ به ڪيو آهي ۽ هاڻي به اهوئي مقابلو ڪندو. گڏجاڻي کي ضلعي صدر سيد محرم علي شاهه، سيد عباس علي شاهه ۽ ٻين خطاب ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button