ڌھرڪي

سنڌ اندر پورهتين کي ٺيڪيداري نظام تحت پيڙهيو پيو وڃي، سنڌ نيشنل فيڊريشن

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ڏهرڪي

سنڌ اندر پورهتين کي ٺيڪيداري نظام تحت پيڙهيو پيو وڃي، سنڌ نيشنل فيڊريشن
سنڌ اندر پورهتين کي ٺيڪيداري نظام تحت پيڙهيو پيو وڃي، سنڌ نيشنل فيڊريشن
سنڌ نيشنل فيڊريشن سکر ريجن پاران ڏهرڪي ۾ پورهتين جي بنيادي حقن لاءِ سنڌ ورڪرز ڪنوينشن ڪوٺايو ويو جنهن ۾ ضلع گهوٽڪي جي مختلف شهرن جي سوين پورهتين شرڪت ڪئي ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن راڻا محمود علي خان،عبدالفتاح ملڪ،تشڪيل احمد صديقي،دين محمد لکڻ،راحب سومرو،شهزادو پنهيار،امام بخش سومرو ۽ ٻين چيو ته ضلع گهوٽڪي سميت سموري سنڌ اندر پورهتين کي ٺيڪيداري نظام تحت پيڙهيو پيو وڃي ۽ هنن کي بنيادي سهولتن کان پڻ محروم رکيو پيو وڃي جيڪو هنن جي حقن تي ڌاڙو ۽ ناانصافي آهي هنن وڌيڪ چيو ته هن ڳاٽي ٽوڙ مهنگائي جي دور ۾ سنڌ جي محنتي پورهتين کي ورڪز ويلفئر پاران فنڊ ڏيڻ بجاءِ ڏاج،فوتگي گرانٽ ۽ ٻارن جي اسڪالرشپ جاري ڪرڻ بجاءِ اهي فنڊ روڪيا ويا آهن ۽ پورهتين جي پگهارن ۾ پڻ گهٽتائي آهي هنن حڪومت جي اعليٰ اختيارين کا مطالبو ڪيو پورهتين کي ٺيڪيداري نظام مان نجات ڏياري هنن جا جائز مطالبا مڃيا وڃن

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button