باڊھ

سراج دراني پاران صحافي کي ڌمڪين خلاف احتجاجي مظاھرو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، باڊھ

سراج دراني پاران صحافي کي ڌمڪين خلاف احتجاجي مظاھرو، فوٽو: الهيار چانڊيو
سراج دراني پاران صحافي کي ڌمڪين خلاف احتجاجي مظاھرو، فوٽو: الهيار چانڊيو
باڊهه ۾ ڳڙهي ياسين جي صوبائي تڪ تي پ پ اميدوار آغا سراج دراني ۽ سندس ڀاءُ آغا مسيح مهراڻ ٽي وي جي رپورٽر امداد ککراڻي کي ڌمڪيون ڏيڻ خلاف صحافين ۽ قومپرست تنظيمن پاران مهراڻ چانڊيو، خادم سومرو، مجيد جهتيال، نظام ڪولاچي، فقير فياض ڪانڌڙو، وحيد ڳاهو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽائون هال اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته اسين صحافي امداد ککراڻي ڌمڪيون ڏيندڙ آغا سراج دراني ۽ سندن ڀاءُ پاران ڏنل ڌمڪين جي مذمت ڪريون ٿا ۽ اليڪشن ڪميشن کان مطالبو ڪريون ٿا ته آغا سراج دراني جو فارم رد ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ مظاهرا ۽ اليڪشن جي ڪوريج ڪرڻ جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button