اليڪشن 2013جوھي

ذوالفقار علي ڀٽو جي دور کان پ،پ،پ ۾ رهندڙ شورا برادري مسلم ليگ ن ۾ شامل

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، جوھي
ذوالفقار علي ڀٽو جي دور کان پ،پ،پ ۾ رهندڙ شورا برادري اڳوڻن پ،پ،پ جي چونڊيل نمائندن کان ناراض ٿي مسلم ليگ( ن) ۾ شامل ٿي ويا ،پاڪستان پپلز پارٽي هاڻي ( پيٽ پاليو پارٽي) بڻجي وئي آهي رپورٽ موجب جوهي تعلقي جي قديمي ڳوٺ سبڙ شورا جي رهواسين وڏيرو جمن شورو ، دوست محمد شورو ،موسي خان شورو ۽ ٻيا ڳوٺاڻا مسلم ليگ ن اڳواڻ لياقت علي جتوئي سان ملاقات ڪري مسلم ليگ ( ن) ۾ شامل ٿي ويا آهن بعد ۾ شامل ٿيندڙ ڳوٺاڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جو ڳوٺ محترم ذوالفقار علي ڀٽو جي دور کان پ،پ،پ جا سچا ڪارڪنن هئا مگر ماضي ۾ 5 ورهين دوران اسان جي ڳوٺ کي نظر انداز ڪيو ويو گذريل پنجن سالن دوران روڊ پاڻي سميت ڪا به اسڪيم نه ڏني وئي آهي ڳوٺ ۾ موجود اسڪول گذريل ڪيتري عرصي کان بند هجڻ ڪري پنهجي حڪومت ايندي بار بار اڳوڻن چونڊيل نمائندن سان شڪايت ڪئي مگر ڪو به ٻڌڻ لاء تيار نه آهي هنن چيو ته ڳوٺ سبڙ شورو سدائين پ،پ،پ جي اميدوارن کي بنا ورڪ جي ووٽ ڏيندو رهيو اهي پ،پ،پ هاڻي اها محترم ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو واري نه رهي آهي پ،پ،پ موجود ماڻهو ترقياتي ڪمن بجاء پنهجا بنگلا ۽ گاڏيون خريد ڪرڻ ۾ مصروف آهن هنن چيو ته ايندڙ اليڪشن سبڙ شورو جا رهواسي مسلم ليگ ( ن) کي ووٽ ڏئي ڪامياب بڻائيندا.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button